اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان قمر باجوا ۽ فيض حميد کي نوٽيس جاري

0
268

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رٽائرمينٽ کانپوءِ قانوني رنڊڪ ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽس کي غلط بيان ڪرڻ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

 عاطف علي نالي هڪ شهري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ صحافي جاويد چوڌري ۽ شاهد ميتلا ٻه تڪراري آرٽيڪلز لکيا، انهن آرٽيڪلز سان معاشري تي ناڪاري اثر پيا

 اظهار جي آزاديءَ جي آر ۾ مجرماڻي رويي جو مظاهرو ڪيو ويو، اهو مجرماڻو عمل اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي جنرل فيض حميد جي ملي ڀڳت سان ٿيو، ايف آءِ کي ذڪر ڪيل ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا، فيض حميد، ٻنهي صحافين ۽ واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا