اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم

0
216
اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم
اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم

اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم ، نه باضابطه ٺهراءُ پيش ٿيو نه ئي گڏيل پڌرائي يا بيان جاري ٿي سگهيو

 ميڊيا رپورٽس موجب، امريڪا طرفان ميمبرن ملڪن تي زور ڏنو ته اسرائيل تي حماس جي حملي جي مذمت ڪن، امريڪي ۽ اسرائيلي مطالبي جي باوجود ڪيترن ئي ميمبر ملڪن حماس جي حملي جي مذمت نه ڪئي جنهن تي امريڪا افسوس جو اظهار ڪيو

 روس جنگ بندي ۽ ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته سلامتي ڪونسل فلسطين بابت طئي ٿيل معاهدي تي عملي ڪري، چين جو چوڻ هو ته اها غيرمعمولي ڳالهه آهي ته سلامتي ڪونسل ڪجهه نه چيو، عام شهرين جي خلاف ڪيل سمورن حملن جي مذمت ڪيون ٿا

هي به پڙهندا

حماس جي حملن ۾ فوجي ڪرنل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 500 کان وڌي ويو