حماس جي حملن ۾ فوجي ڪرنل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 500 کان وڌي ويو

0
205
حماس ۽ اسرائيلي فورسز ۾ ٻئي ڏينهن به جنگ، حماس جي حملن ۾ 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا
حماس ۽ اسرائيلي فورسز ۾ ٻئي ڏينهن به جنگ، حماس جي حملن ۾ 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس ۽ اسرائيلي فورسز ۾ ٻئي ڏينهن به جنگ جاري، حماس جي زميني، فضائي ۽ سامونڊي حملن ۾ 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا، 1790 زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ هڪ فوجي ڪرنل به شامل آهي

 فلسطيني ويڙهاڪن فوجي آفيسرز ۽ اهلڪارن سميت سوين اسرائيلين کي يرغمال بڻائي ورتو، حماس پاران اسرائيلي فوج جون ٽينڪون ۽ هيليڪاپٽر تباهه ڪرڻ جي دعويٰ، وڊيوز به جاري ڪيون ويون، اسرائيل جي غزه تي بمباري جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 250 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا

 فلسطيني گهرو وزارت جي عمارت تباهه ٿي وئي، اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته ڏکڻ اسرائيل ۾ فلسطيني ويڙهاڪن پاران يرغمال بڻايل فوجين ۽ عورتن سميت اڪثر اسرائيلي شهرين کي آزاد ڪرايو ويو آهي

 اسرائيلي فورسز جي لبنان جي ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جي ٺڪاڻن تي به بمباري، حزب الله پاران به اسرائيلي فوجي چوڪيون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

حماس اسرائيل کي رت رئاري ڇڏيو، هڪ ڏينهن ۾ 7 هزار راڪيٽ حملا، 250 کان وڌيڪ يهودي مارجي ويا، 232 فلسطيني به شهيد