حماس اسرائيل کي رت رئاري ڇڏيو، هڪ ڏينهن ۾ 7 هزار راڪيٽ حملا، 250 کان وڌيڪ يهودي مارجي ويا، 232 فلسطيني به شهيد

0
218

والاريل بيت المقدس (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم ۽ غزا جي حڪمران جماعت حماس اسرائيل تي راڪيٽ حملا ڪري فوجين سميت 200  کان وڌيڪ اسرائيلي ماري وڌا آهن، جڏهن ته 11 سو کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا. حملي کان پوءِ مڇريل اسرائيلي فوجين بمباري ڪري 232 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ عالمي ميڊيا موجب حماس آپريشن الاقصيٰ طوفان جو اعلان ڪندي اسرائيل تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو

حماس جا ويڙهاڪ ٽن جاين تان اسرائيل تي حملو ڪري اسرائيلي سرحدن ۾ داخل ٿي ويا، ميڊيا رپورٽن موجب حماس جي ويڙهاڪن اسرائيل تي زمين، سمنڊ ۽ فضا مان حملا ڪيا، وڙهاڪن جي القسا گروپ پهرين اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪيا، جنهن کان پوءِ باقي ويڙهاڪ سرحد پار ڪري اسرائيل ۾ داخل ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ويڙهاڪ موٽر گلائيڊز (هوا وارن ڦوڪڻن) ذريعي اڏامي اسرائيل جي حدن ۾ داخل ٿي ويا، جنهن کان پوءِ 22 جاين تي حماس ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي. حماس جي ويڙهاڪن گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ 150  کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا ۽ 1100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.  پرڏيهي ميڊيا موجب غزا مان اسرائيل تي 7 هزار کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا ۽ ڪيترائي فلسطيني مجاهد اسرائيل ۾ داخل ٿي ويا، جتي انهن جون روڊن ۽ گهٽين ۾ اسرائيلي فوجين سان چڪريون ٿينديون رهيون

مجاهدن  فوجي جنرل نمرود سميت 50 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، ڪيترين ئي اسرائيلي فوجي گاڏين کي به قبضي ۾ وٺي ڪيترون ئي ٽينڪون پڻ تباهه ڪري ڇڏيون. رات جو دير سان ٻيهر حماس اسرائيلين مٿان 150 کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا، جنهن بعد مارجي ويل اسرائيلين جو انگ وڌي 200 ٿي ويو. حماس جي فوجي ونگ القسام بريگيڊز جي سربراهه ڪمانڊر محمد الضيف ”ابو خالد“ آپريشن طوفان الاقصيٰ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهو حملو اسرائيل طرفان مسجد الاقصيٰ ۾ مسلسل شرپسندي ۽ فلسطينين تي ظلمن جو جواب آهي. راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسرائيل کي وڏو مالي نقصان به ٿيو آهي، اسرائيل جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دونهون اٿي رهيو هو. جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي خاڪ ٿي ويون ۽ عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خطري جا سائرن وڄايا ويا ۽ اسرائيلي فوج جنگ جي حالت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسرائيلي حڪومت غزا ۾ به بمباري جو فيصلو ڪيو. والاريل فلسطين جي آبادين ۾ فلسطيني نوجوان حماس جي مجاهدن جي آجيان ڪندا رهيا. واضح رهي ته غزا سان اسرائيلي سرحد تي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جي ڪيترن ئي هفتن کانپوءِ حماس اهو حملو ڪيو آهي. ٻئي پاسي حماس جي حملن بعد اسرائيل طرفان غزا تي فضائي حملا ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ 230 فلسطيني شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزا اختيارين چيو آهي ته اسرائيل جي فضائي حملن ۾ 198 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 1600 کان وڌيڪ زخمي آهن

اسرائيلي فضائيا طرفان غزا ۾ عام فلسطينين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان گهيري ۾ ورتل غزا ۾ دوائن ۽ بنيادي شين جي اڳ ئي کوٽ آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ حالتون وڌيڪ پريشان ڪندڙ ٿي ويون آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج غزه ۾ هڪ اسپتال تي به بم وسائي ڇڏيا، نتيجي ۾ هڪ ايمبولينس ڊرائيور سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ان کانسواءِ اسلائيلي فوجين فلسطين جي پرڏيهي وزارت جي عمارت تي به حملو ڪيو ۽ بم وسايا. عالمي ميڊيا موجب زميني مزاحمت ڪندڙن 7 هزار ميزائل اسرائيل تي اڇلايا، حملي لاءِ ويڙهاڪن موٽر گائيڊز به استعمال ڪيا ۽ انهن سان اڏامي اسرائيلي حدن ۾ داخل ٿي ويا، جڏهن ته ويڙهاڪ جيپن ۽ موٽرسائيڪلن ذريعي اسرائيلي حدن ۾ داخل ٿيا

اسرائيلي فوج  تصديق ڪئي آهي ته 22 کان وڌيڪ جاين تي حماس سان چڪريون جاري آهن. اسرائيلي فوج اها به تصديق ڪئي ته سندن ڪيترائي فوجي پڪڙيا ويا آهن. جڏهن ته اسرائيلي اخبار چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت غزه کي بجلي جي فراهمي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اخبار موجب اسرائيل غزه کي 75 سيڪڙو بجلي وڪڻندو آهي. اسرائيلي بچاءُ واري وزارت غزا تي حملن لاءِ اضافي فوج گھرائي ورتي آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب 150 اسرائيلي مارجي ويا آهن جڏهن ته11 سو کان وڌيڪ اسرائيلي شهري زخمي ٿيا آهن.  حماس جي اڳواڻن چيو آهي ته پڪڙيل اسرائيلي فوجي آفيسرن کي سرنگن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. حماس ميڊيا موجب اسرائيلي فوجي آفيسرن کي محفوظ هنڌن تي رکيو ويو آهي. حملي کان پوءِ اسرائيل چيو آهي ته ايران جي حمايت يافتا ڌڙي جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو ڇو جو ان جي فوج تصديق ڪئي آهي ته عزا ويجهو ويڙهه جي پٺيان ان جو هٿ هو. اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جوابي ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي

اسرائيلي وزيراعظم نتين ياهو چيو ته اسان جو ملڪ ”جنگ جي حالت“ ۾ آهي ۽ يقين آهي ته اسين کٽيندا. نيتن ياهو هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته اسان جو دشمن اهڙي قيمت ادا ڪندو جنهن جو ان کي ڪڏهن اندازو به نه ٿيو هوندو. ٻئي پاسي فلسطيني پرڏيهي وزير چيو آهي ته فلسطينين کي حق خود اراديتن، سندن رياست نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ اڳ به خبردار ڪيو هو، روزانو چڙ ڏياريندڙ حملن ۽ فلسطين ۾ يهودي آبادڪاري وڌائڻ جا نتيجا ڏسي ڇڏيو. هن چيو ته  اسان اسرائيلي فوج جي لاڳيتي دهشتگردي، حملن جي رد عمل کان اڳ به خبردار ڪيو هو. فلسطينين جي ڌرتي تي قبضو ختم ٿيڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل فلسطينين جي آزادي جوا حترام ڪري. ٻٽو معيار ۽ اسرائيلي فوج جي نسل پرستاڻين ڪارروائين اڄ وارو ڏينهن آندو آهي. هوڏانهن اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اسرائيل سوشل ميڊيا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي،  اسرائيلي شهرين کي خبرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

فلسطيني حماس ۽ اسرائيل ۾ جنگ تيز: هنگامي حالتون