11 جنوري ورسي … پير صاحب پاڳارو علي ڳڙهه کان انگلستان اسيري کان آزادي تائين

0
243
11 جنوري ورسي ... پير صاحب پاڳارو علي ڳڙهه کان انگلستان اسيري کان آزادي تائين

 تنز و مزاح، طرز نگارش جي ترڪيب سان سدابهار سٻاجهي صاف گو ۽ سلڇڻي ۽ سڀاوڪ شخصيت جي افق تي صبح جي آفتاب جيان اڀري جنهن کي قرب جي ڪهڪشان ۽ ڪنگري جي قدآور سخصيت سيد مرحوم شاهه مردان شاهه پاڳارو سڏيو وڃي ٿو. جيڪو سيبتو سلو سيد صبغت الله شاهه بادشاهه شهيد سورهيا بادشاهه جي گهر 22 نومبر 1928 ۾ نسري نروار ٿيو ته سندس والد جڙتو ۽ بلاجوز ڪوڙن ڪيسن ۾ 8سالن جي سزا سبب ڏيساور مدناپور ۽ راجشاهي جيلن ڏانهن روانو ٿيو مذڪوره ڪيسن ۾ قائداعظم محمد علي جناح وڪيل ٿيو پر سندس ڪوششون ڪارآمد ثابت ٿي نه سگهيون پير صاحب جي آزادي يا سنڌ جي جيلن ڏانهن منتقلي لاءِ بمبئي جي گورنر آڏو سرشاهه نواز ڀٽو ، نبي بخش ڀٽو، مير شير محمد بجاراڻي ۽ مير جعفر خان جمالي سميت ڇهه ڄڻن بمبئي ڪائونسل جي ميمبرن هڪ پٽيشن داخل ڪئي جيڪا رد ڪئي ويئي پنهنجي پيارن کان وڇڙڻ جي پاراش  ۾ راجشاهي جيل ۾ هن راڻي جو ٻاويهه ڪلو وزن گهٽجي ويو جيڪا حقيقت سورهيه بادشاهه پاران سر شاهه نواز خان ڀٽو کي لکيل هڪ خط مان عيان ٿئي ٿي سن 1936ع ۾ آزادي بعد پير صاحب باضابطه انقلابي پروگرام جي آغاز طور حر هلچل لاءِ پير ڳوٺ ڪي ڪيٽي ۽ سانگهڙ ۾ نئين تعمير ٿيل گڙنگ بنگلي ۾ غازين جي ڀرتي جو آغاز ڪري ڀون تان بيٺڪي راج جي بيدخلي جو بندوبست ڪرڻ لڳو ته کيس ٻيهر آڪٽوبر 1941ع ۾ پير صاحب کي گرفتار ڪري سينٽرل پروانس (سي پي) جي سيوني جيل اماڻيو ته حرن هلچل جو آغاز ڪري گوريلا ڪاررواين جو آغاز ڪيو ته سندن سورش کي دٻائڻ لاءِ سنڌ جي نام نهاد ڪٺ پتلي حڪومت جي ڪارندن ۽ اسيمبلي ميمبرن جن جو تعداد 44 هو گڏيل راءِ سان 20 مارچ 1942ع ۾ حر ايڪٽ پاس ڪيو جيڪو ان وقت جي وڏي وزير خان بهادر الله بخش سومري بڪ جي صورت ۾ پيش ڪيو حر ايڪٽ

supression of  Hur criminal tripesact

پاس ٿيڻ بعد ڪجهه ڏينهن اندر حر ايراضي ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ ڦڙتيلي انداز ۾ فوجي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ حيرت ناڪ حدتائين اپر سنڌ زون جي ذميواري ميجر جنرل رچرڊسن پوليس ڪمشنر ايف ينگ ۽ مارشل لا سول ڪمشنر ايڇ ٽي ليمبرڪ جي سپرد ڪري مسڪين ۽ بي بهچ ماڻهن تي پيدل فوج جي 60 هزار سپاهين هوائي فوج جي 24 جهازن ۽ اٺ گهوڙي تي 2400 سئو سوارن ذريعي سفاڪيت تي مشتمل سنگين ڪارروايون ڪري حرن جي ڳوٺن کي باهه ڏيئي ڀسم ڪري بربريت جو نشانو بڻايو ويو ۽ پير ڳوٺ ۽ سانگهڙ جي گڙنگ بنگلي کي بمباري ذريعي تباهه ڪيو ۽ سورهيه بادشاهه کي سي پي جي سيوني جيل مان خفيه نموني حيدرآباد منتقل ڪري فوجي ٽربيونل ذريعي سرسري سماعت ڪئي ويئي جنهن ذريعي 20 مارچ 1943 ع تي پير صاحب کي ڦاسي ڏيئي درگاهه جي گادي ختم ڪئي وئي ۽  لکين حرن  کي ٻارن ٻچن سميت لوڙهن ۾ لهو ڳارڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ پير صاحب جي صاحب زادن کي اهل خانه سميت ڪراچي جي بندر روڊ تي ٽنڊي باگي واري ٽالپر مير خدا بخش رانبٽ جي بنگلي تي لاڳيتو ريڊ ڪراس جي مسز ڪينٽ جي نگراني ۾ قيد رکيو ويو، جتان پير صاحب جي صاحب زادن شاهه مردان شاهه ۽ نادر شاهه جن جون عمريون ترتيب وار 13 ۽ 9 سال هيون ته کين اکين تي ڪپڙو ٻڌي  علي ڳڙهه منتقل ڪيو ويو، جتان پوءِ برطانيه ميجر پين ميري جي اڪيڊمي ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي کين مسلسل 9 ورهين تائين رکيو ويو. ان دوران ورهاڱو ٿي ويو. هندستان ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي ويا مگر پاڪستان سرڪار چند منظور نظر امراءَ جي عرضداشت سبب پير صاحب جي گادي بحال ڪرڻ ۽ صاحبزادن کي واپس گهرائڻ ۽ حرن جي لوڙهن جي خاتمي مان ڪني ڪترائڻ لڳي. ان وقت جو وزيراعظم لياقت علي خان جيتوڻيڪ لنڊن پهچي صاحبزادن سان ملي کين جلاوطني ختم ڪري واپس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي مگر ملٽري اسٽيبلشمينٽ جنهن جي سربراهي انگريز جنرلز سر فرينڪ ميسروي ۽ جنرل سر ڊگلس ڊيو ڊگريسي، ريئر ايڊمرلجيس وولفرڊ جئفرڊ ۽ ايئر وائيس مارشل اي ايل پيري ۽ ڪابينا ميمبر ڪني ڪترائڻ لڳا. جنرل فرينڪ ميسروي ته هڪ موقعي تي قائداعظم جي حڪمن کي ٿڏي ڪشمير ۾ 1948ع ۾ انڊين آرمي جي مقابلي ۾ فوج موڪلڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان وقت سيد علي محمد راشدي سڀ کان