کهڙا (ن پ ا) کهڙا مان وڏي عرصي کان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين ۽ سياسي ڪارڪنن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي. خبر موجب کهڙا جي ڇتن شاهه بازار ۽ امام علي شاهه بازار مان 5 مهينا گذرڻ باوجود ڊرينيج جو گندو پاڻي نيڪال ٿي نه ٿيڻ خلاف شهرين ۽ جسقم ڪارڪنن پاران بادشاهه منگي، ڪامريڊ محمد علي اڄڻ، عزيز احمد جعفري، سيف سومرو، ارشاد احمد جماڻي، وحيد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڇتن شاهه بازار ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي چيو ته 5 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر ڇتن شاهه بازار مان گندو پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي. پنجن مهينن کان بازار جا دڪان بند پيل آهن. بار بار احتجاج باوجود ٽائون توڙي پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نٿي چري. هنن واضح ڪيو ته شهر مان گندو پاڻي نيڪال ٿيڻ تائين احتجاجي ڪئمپ قائم رهندي.