ملڪ ۾ مھانگو اٽو، غريبن جي فاقاڪشي ۽ سنڌ جي تقدير

0
160

سرتاج شر

 انسان جي لاءِ ڪجهه شيون ضروري آھن جن کانسواءِ انسان زندھ نه ٿو رھي سگھي، کاڌ خوراڪ، ھوا، باھ ۽ پاڻي، جيڪڏهن انھن شين مان ڪا به ھڪ شي گھٽ ٿئي ته انسان جي زندگي گھٽجي وڃي ٿي. اھو ھڪ فطري عمل آهي انسان پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ مختلف کاڌا استعمال ڪندو رھيو آھي، مثلاََ ڪڏھن انسان گوشت خور ته ڪڏھن، ميوا خور، ان کانپوءِ اناج خور رھيو آھي، ھن وقت انسان وٽ جيڪو پيٽ ڀرڻ لاءِ اھم ذريعو صرف اناج ئي آھي اھو ڀلي ڇو نه پوءِ مڪئي، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجھري، جو، چانور هجي، جنھن کي پيھي انسان اٽو حاصل ڪندو آھي.

                 جنھن ۾ ھو ماني پچائي پنھنجي پيٽ جي بک اجهائيندو آھي، جنھن دور ۾ ٻئي دنيا جي حصن يا خطن جا ماڻھو صرف گوشت خور ھوندا هئا تنھن وقت سنڌ جا ماڻھو، زراعت ڪري، اناج پيدا ڪندا ھئا، تنھن وقت به سنڌ خوشحال ھئي. ھڪ ته حال ۾ سنڌ حڪومت ھر دفعي، سنڌ کي قرباني جو ٻڪر بڻائي ڇڏيو،

صرف ملڪ جي ٻين صوبن کي سکيو رکڻ لاءِ ۽ انھن کي راضي رکڻ لاءِ  جيئن سنڌي ۾ ڳالهه ڪندا آهن ته اڳئين وقت ۾ ماڻھو  چئو ياري ڪندا ھئا، پوءِ ڪنھن به غريب  دوست تي وزن رکندا ھئا جو ھو پنھنجي گھر جانور ٻڪر، ٻڪري، يا ھرڻي کي چورائي يا کسي، دوستن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنھنجي گھر جا ٻيا ڀاتي بک تي رکندا ھئا.

اھڙي طرح سنڌ تي جيڪي حڪمران صرف شڪاري آھن، ڪنھن به طرح سان، عوام جو رت چوسڻ، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کپائڻ، سنڌ جا وسيلا ٻين جي حوالي ڪرڻ، سنڌ جا جيڪي اصل ۽ حقيقي وارث آھن انھن کي ھر شي ھر سک، ھر نئين ترقي کان محروم رکندا اچن پيا. مطلب ته ھن وقت جيڪا به حڪومت اچي پئي صرف سنڌ جي دلالي ڪرڻ پنھنجا پيٽ ڀرڻ، کانسواءِ انھن جو ٻيو ڪو به ڪم ناھي.

ھن وقت ھر شي ايڏي ته مھانگي ٿي وئي آهي جو امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، غريب کي جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ وجھي پيسيو پيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ جيڪا شي ضروري آهي اھا کاڌ خوراڪ جيڪا رياست کي ڪھڙي به وقت، ڪھڙي به حالت ۾ عوام کي سستي مھيا ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن رياست ائين نه ٿي ڪري سگھي اھا رياست يا ته ڌارين جي ھٿ رھي آھي، ھن وقت سنڌ جو ڄائو وزير خارجه پاڪستان، بلاول زرداري پنھنجو پاڻ چمڪائڻ خاطر، ۽ پنهنجي سياست کي چمڪائڻ لاءِ وزير اعليٰ سنڌ کان سموري سنڌ سوچي سمجھي ٻوڙائي ته جيئن ٻاھرين ملڪن توڙي اقوام متحده کان فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ ملڪ کي ڏيوالي مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ کي ھر دفعي وانگر قرباني جو ٻڪرو بڻائي سگهجي.

لکين ايڪڙ بيٺل ڪپھه جو فصل تباھي ٿيو، ڪروڙين سنڌي بي گھر ٿيا، مان ته چوان ٿو ته سنڌ سان اھڙي حالت مغل لٽيرن، توڙي نادر شاھ ايراني يا ٻين نه ڪئي ھئي جھڙي، حالت هتان جي حڪمرانن پاڻ، سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڪئي آهي. سنڌ جي ھر شي تباھ ڪئي وئي آهي.

ھر ادارو، ھر سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارو به ڪرپشن جي ور چڙھيل آهي، جيڪڏهن سرڪار 2021ع سال جي ڪڻڪ في مڻ 2 ھزار روپيه مڻ خريد ڪئي ته ان کي ھڪ وقت ئي چار کان پنج ھزار پنج سو روپيا مڻ ڪري ڇڏيو .

ھڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ڳالهه آھي ته پنج سو کان ست سو روپيا ڏھاڙي ڪمائڻ وارو مزدور ماڻھو، ڏيڍ سو رپيو في ڪلو اٽو ڪيئن وٺي سگھندو؟ ڇا صرف ھو روزانو اٽو وٺندو آهي ان جا ٻار نه پڙھن نه ڪو لٽو، وٺن، نه تعليم حاصل ڪري سگھن.

ٻيو ته سياسي ماڻھن تعليمي ادارن سان اھڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جو ھڪ ته تعليم جو ڪو معيار ئي نه رھيو ۽ ايڏو تعليم کي مھانگو ڪري ڇڏيو آھي جو غريب ماڻھو تعليم پرائي ئي نه ٿو سگھي.

ھڪ ايڏي ڳاٽي ٽوڙ مھانگي، ٻئي ان کان ڏھوڻ تي وڌيڪ بيروزگاريءَ، ماڻھن وٽ ھن وقت ذريعه معاش وغيره به ڪجهه ئي نه رھيو آھي. ايتري تائين جو ٻوڏ کي به ٽي کان چار مھينا ٿي ويا ھن وقت تائين ماڻھو کليل آسمان ھيٺ ويٺا آهن. آخر ھي نظام ڪيئن سڌرندو؟

ھر ننڍو توڙي وڏو ملازم ڪرپٽ آھي ۽ ھي جيڪي سي ايس ايس پاس ڪري بيوروڪريٽ ٿين ٿا انھن جيڪو ته سنڌ سان حشر ڪيو  ۽ ايڏي ڪرپشن ڪن ٿا جو ھر شي تباھ ڪري ڇڏين ٿا.

ان کانپوءِ سياستدانن، وزيرن، ميرن، وڏيرن سڀني جي سڄو ڏينھن پنھنجي ڊيوٽي ڪرڻ بدران، چاپلوسي ڪرڻ ۾ پورا آھن.

ٻه سال پھرين سنڌ جو هڪ وڏو ناميارو شاعر ڪروڙن جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام ۾ آيو ، ۽ خير سان ڪيس مان بري ٿي ويو. ڪيس مان آزاد ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناھي اھو ته ھڪ منٽ جو ڪم آھي.

پاڪستان سڳوري ۾ ڪيڏو به ڏوھي ھجي، پئسي وارو يا سياسي آھي ته ان لاءِ عدالت مان آزاد ٿيڻ ڪوئي مسئلو ناھي. بابا توھان ان ماڻھو جي ملڪيت ڏسو ان جي زندگيءَ گذارڻ جو طريقيڪار ڏسو ته ڪھڙو آهي؟ پوءِ چئو ته ھو عوام سان سچو آھي يا نه ھو حق سچ جو آواز آھي يا نه.

 بس شال نه سنڌي ڪنھن کي چاھين پوءِ ته ان جي جان ئي نه ڇڏيندا. عوام وري وري ساڳين وڏيرن ميرن ماڻھن جي پيرن ۾ پيا ھوندا،

سڄو ڏينھن اتي خوار ٿيندا پيا وري سڌرڻ جو نه سوچيندا. ھوٽلن تي ويٺا ھوندا، ڪاروبار ڪرڻ، ڪم ڪار ڪرڻ کان بخار ھوندن. پنھنجي نه ٿا ٻارين. سنڌ ۾ شعور آڻڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ معياري تعليم جي سخت ضرورت آهي.

کري ليڊرشپ جي سخت ضرورت آهي. هتي ته حالت اهو آهي ته جيڪو به غريب جي حقن لاءِ وڙھڻ لاءِ ٿو اٿي پوءِ ڪجهه ئي وقت ۾ ارب پتي ٿيو وڃي، شيش محلن بنگلن ۾ رھائش پذير ٿيو وڃي. توڙي جو ھر سنڌي سرمائيدار توڙي ننڍو ھجي يا وڏو ھجي سدائين حڪومتي ڌر جي حمايت ۾ ھوندو آھي،

توڙي ڪھڙي به حڪومت ھجي، توڙي جو مڊل ڪلاس جو ماڻھو ھجي اھو به ائين آھي، ڏچي ۾ صرف غريب مزدور، ھاري آھي جيڪو ڪٿي پھچي نه ٿو سگھي. ٻيو ته سڀ سياسي پارٽيون به ڪڏھن به عوام خاطر احتجاج يا مظاھرو ناھن ڪنديون، جيستائين انھن جا پنھنجا مفاد ناھن ھوندا ايستائين اھي پارٽيون سڪون ۾ ھونديون آھن، پوءِ پارٽيون ڀلي ڇو نه پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جون ھجن .