ھڪ جپسي ڪالم … نيري نديءَ جھڙي ھڪ ڳلي

0
175
 مون کي خبر ڪانه هئي ته ان گهٽيءَ جي مُهڙ ۾ ڪهڙي مصيبت هئي، جو جيڪو به ان گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندو هو ته ڄڻ سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويندو هو

 مون کي خبر ڪانه هئي ته ان گهٽيءَ جي مُهڙ ۾ ڪهڙي مصيبت هئي، جو جيڪو به ان گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندو هو ته ڄڻ سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويندو هو. گھٽيءَ ۾ موجود سموري مخلوق هن جو جائزو وٺڻ لڳندي هئي، هن جو هلڻ، بار بار نيري رومال سان پگهر اگهڻ، خوف وچان ڪِن ــ اکين سان هيڏانهن هوڏانهن تڪڻ ۽ پيرن جي هلڻ جي رفتار وڌائي ڇڏڻ، اھو ۽ اھڙو گھڻو ڪجھ ان ڏينهن منهنجي سامهون ٿي رهيو هو. اهو ڳوٺاڻو ڇوڪرو مشڪل سان سترنهن يا ارڙهن سالن جو هوندو ۽ هُو اوچتو مهڙ واري ڪتاب گهر جي پاسي واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿي ويو هو، جنهن جي ساڄي پاسي هڪ اخبار جي آفيس هئي ۽ شيشي واري بند مهڙ واري ڪمري ۾ ٻه ڪاتبَ ايڊيٽر جي موڪليل خبرن جي بي انتھا بي دليءَ سان ڪتابت ڪري رهيا هئا ۽ رکي رکي ان خاص گهٽيءَ طرف نهاري به رهيا هئا، جيڪا چار قدم اڳتي ھلي “ڳاڙهي بازار” ۾ داخل ٿي رهي هئي. انهن چئن گهٽين ۾ جيڪي چار يا پنج ماڙ فليٽ نما عمارتون موجود هيون، انهن جي هيٺين فلور تي موٽر ميڪينڪن جا کوڙ سارا دوڪانڙا هئا، جتي ڏهن کان پندرهن سالن جا ننڍڙا ڇوڪرا کَريل ۽ خراب ٿيل ڪارن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳا پيا ھوندا هئا. هو ڳوٺاڻو جتان جتان لنگهي رهيو هو، اسڪريو پانن وارا هلندڙ هٿ اوچتو ڪجھ لمحن لاءِ بيهجي رهيا ھئا، ٿورڙو پرڀرو بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جو هڪ سپاهي مسلسل هن ڳوٺاڻي تي نظر رکيو گهمي رهيو هو ۽ بار بار ڪَھُوءَ جي سنهڙي اسٽڪ پنهنجي سٿر تي هڻي مرڪي رهيو هو. هن جي اکين ۾ بلڪل اها ئي چمڪ ۽ تِکَ هئي جا جهنگلي ڪتي جي اکين ۾ هڪ اڪيلي هرڻ کي ڏسي پئدا ٿي پوندي آهي. ڇوڪرو هوريان هوريان هلندو هڪ دروازي ۾ داخل ٿي ويو ھو … گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ تاڙيندڙ اکين وارو سپاهي اوچتو ڄڻ هوشيار ٿي ويو، گهٽي ۾ بي چينيءَ سان چڪر ڪاٽڻ لڳو. لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ بعد اهو ڇوڪرو اتان جيئن ٻاهر نڪتو ته سپاهيءَ کي پنهنجي سامهون پسي وائڙو ٿي ويو ۽ ڏڪڻ لڳو. سپاهيءَ هن کي قميص جي ڪالر وٽان پڪڙيو ۽ گهٽيءَ جي اونداهين ڪنڊ ۾ وٺي ويو. مان ڪافي دير کان اهو تماشو ڏسي رهيو هوس ۽ پريشان به هيس ته اهو مُڇو سپاهي هن ڇوڪري سان الائي ڪهڙو حشر ڪندو هوندو. خير ڏهن منٽن بعد مان رڳو اهو ڏسي سگهيس ته ڇوڪرو پنهنجو ٻٽون پاسي واري کيسي ۾ وجهندو تڪڙو تڪڙو ان بازار مان نڪري ويو. مان ان ڏينهن پورا ٽي ڪلاڪ ان گهٽيءَ ۾ موجود  رھيو ھوس. مون کي پنهنجي مئگزين “خواب” لاءِ سکر جي ان “بازار” تي هڪ اسٽوري ڪرڻي هئي.

اسان پيرڳوٺ شهر جا مٿي ڦريا چند دوست هڪ خواب سمجهي “خواب” مئگزين جي ڪم ۾ چوويهه ڪلاڪ مشغول هوندا هئاسين. روز شام جو درگاهه چئونڪ تي ۽ ڪڏهن وري محب علي چئونڪ جي نعمت پنجاپيءَ جي باربي ڪيو شاپ تي اسان يارن جو ميڙو مچندو هو ۽ ڳالهه ڳالهه تي اسان جا ڇڙواڳ اڀا اڀا ٽهڪَ پوري پيرڳوٺ ۾ مشهور هوندا هئا. چادر بازار جو استاد شڪيل ملڪ، ابل واهه جي ڪناري واري هڪ ڳوٺ جو امر جلباڻي، صدر جي ڀٽيون جو اڪبر ۽ منڱرجيءَ جو قنبر، جنهن بعد ۾ پاڻ کي محبوب گل جاگيراڻي سڏرائڻ شروع ڪيو هو، اسان جي ان محفل جا پرمننٽ ساٿي هوندا هئا. جڏهن اسان سڀ گڏ هوندا هئاسين ته پوءِ ان جاءِ تي ڪنهن به زلزلي جي جاءِ ڪانه هوندي هئي. اھي انمول يادگيريون يارن جون اڀ ڦاڙ ڳالھيون وري ڪنھن ٻئي ڀيري لکبيون.

مون کي سکر جي ان “بازار” ھميشه ڪشش ڪيو ھو. اسيءَ جي ڏھاڪي ۾جڏھن به اسلاميه ڪاليج مان پڙھائي ڪري موٽندو ھئس ته گھڻو وقت ان “بازار” جي ڪنڊ ۾ پنھنجي دوست جي ڪتابن جي دوڪان تي ويھي رھندو ھوس ۽ اوڏانھن وڃڻ وارن ۽ اوڏانھن کان موٽڻ وارن جي چھري جا تاثرات جاچڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس، ان دور ۾ سعادت حسين منٽو حواسن تي فل ڇانيل ھوندو ھو ۽ اسان جو ادا ٿيل ھر جملو ڄڻ ته منٽوءَ جي ڪنھن افساني جي ڪنھن ريپ ٿيل وئشيا جو ڪو ادا ٿيل جملو لڳندو ھو. ھونءَ به شروعاتي دور ۾ زندگيءَ ڏانھن منھنجي ائپروچ فل ڪتابي ھوندي ھئي. ارد گرد گھمندڙ ھر ڪردار ڪنھن نه ڪنھن ناول يا ڪھاڻيءَ جو پاڇو لڳڻ لڳندو ھو. انھيءَ ئي ذھني ماحول جي اڻت دوران پيرڳوٺ جي منھنجي يار غار دوستن “خواب” جي نالي سان ھڪ مئگزين ڪڍڻ جو رٿيو ۽ پيرڳوٺ جي ڪبوتري ھوٽل تي اسان مردود_ حرم دوستن جي فل اسڪيل ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ وڏي بحث مباحثي ۽ وٺ وٺان بعد اھو رسالو شايع ڪرڻ جو گھڻُو تڻو ڪم منھنجي ۽ شڪيل ملڪَ جي حوالي ٿيو. چيف ايڊيٽر لاءِ سڀني متفقه راءِ سان پيرڳوٺ جي ھڪ مايه ناز ليکڪا ۽ شاعره جي نالي تي سڀ اوڪي ڪري بيھي رھيا. مئگزين جو ڪم زور شور سان شروع ٿي ويو. شروعاتي فنانس لاءِ سڀني دوستن ڊڪ ڊوڙ شروع ڪئي ۽ مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي سڀ کان پياري دوست ڪنڌرا شھر جي گوھر گھانگھرو کي فنانسنگ لاءِ گذارش ڪئي، جنھن الائي ڪٿان پَٽَ سٽَ ڪري ڏھ ھزار ڪٺي ڪري ڏنا (افسوس اھي پئسا مان ھزار چاھڻ جي باوجود ادا نه ڪري سگھيس ۽ ان جي پاداش ۾ مون کي پنھنجي ھڪ بھترين دوست جي نفرت جو منھن ڏسڻو پئجي ويو، گوھر جي نفرت اڄ به منھنجي سيني ۾ ڪنھن خوني خنجر جيان کُتل آھي. اگر گوھر ھي ڪٿي پڙھي وٺي ته مون کي جيون ۾ ھڪ دفعو ضرور معاف ڪري، ڇو ته ھن مھل جڏھن مان چوونجاھ سالن جو ٿي ويو آھيان پر مون کي اڄ به گوھر جھڙو ساٿي ۽ دوست نه ملي سگھيو آھي. گوھر اڄ ڪلھ اسلام آباد ۾ سنڌي صحافت جو وڏو اھم نالو آھي.

خير سکر جي ان “بازار” جي اھا اسٽوري مون ٻن ڏينھن جي رولاڪڙن بعد وري وري ري رائٽ ڪري فائنل ڪئي ۽ ساٿين آڏو پيش ڪئي، اسٽوريءَ تي دوستن ۾وڏو ممڻ مچي ويو، سڀ جو اھو ئي خيال ھو ته اسان جي ايڊيٽوريل سٿَ ۾ ھڪ ليڊي به آھي ۽ ان جي مائٽن جو ماحول صفا ٻروچڪو آھي، جو ھُو اھڙو ھيوي ڊوز سھي نه سگھندا، ايئن منھنجي اھا اسٽوري ڪنھن فائل ۾ پوئتي رھجي وئي ۽ اسان سڀ سنگتي مئگزين جي سفر ۾ اڳتي ھليا آياسين.ان اسٽوريءَ جو ھڪ اھم ڪردار اھو عيدن چريو به ھو، جيڪو الائي جي ڪٿان اچي ھن گھٽيءَ ۾ پھتو ھو ۽ پوءِ ھميشه جي لاءِ ھتان جو ئي ٿي ويو ھو. ھن جي ھر ٻن لفظن پويان ھڪ ڪچي گار پنھنجي پوري شدت سان موجود ھوندي ھئي ۽ مزي جي ڳالھ ته ھن جي ڪچين گارين کي ڪوبه گاريون سمجھندو ئي ڪونه ھو، سڀ ھن سان بي حد پيار ڪندا ھئا ۽ پوءِ ھن جي شادي به ھڪ اھڙي ڪنوار سان ڪرايائون، جنھن پنھنجي پھرين سھاڳ رات جو پنھنجي ڪارخانيدار گراھڪ کي الائي ڪھڙي ڳالھ تي چماٽون ھنيون ھيون ۽ ھن کي گھٽيءَ مان ڊوڙائي ٻاھر ڪڍي آئي ھئي. ان ڪري ڪوبه بي عزتيءَ جي ڊپ کان ھن جي ويجھو به ڪونه ايندو ھو ۽ لنوائيندو به ھو، ڇوته ان “بازار” جي ديوارن جيان “بازار” جون گھٽيون به ڪو راز لڪائي نه سگھنديون آھن. ۽ ھا، منھنجي ان اسٽوريءَ ۾ ھڪ اھڙي وئشيا جو ذڪر به ھو، جنھن کي ھن جي پنھنجي پيءُ رڳو اڌ جريب زمين جي بدلي ۾ وڪڻي ڇڏيو ھو ۽ ھن کي سندس ساھرا ڪنھن ٻئي شھر ڇڏي آيا. رڳو ڏھن مھينن جي عرصي ۾ ھن جو ٻه دفعا حمل ڪيرايو ويو ته جيئن ھن کي استعمال ڪندڙن جي دل کٽي نه ٿئي، آخر ڪار ڪنھن نيڪ دل انسان جي مدد سان ھُوءَ اتان فرار ٿي،  ٻه صوبا لتاڙي ھتي سکر پھتي ۽ اٽي ۽ اجھي جي لالچ ۾ ان ئي شھر جي ڳليءَ جي وئشيا بڻجي وئي. ان وئشيا جو لھجو ايڏو ته تلخ ۽ اڻ وڻندڙ ھوندو ھو، جو چڱا ڀلا ماھر کلاڙي به ھن جي آڏو ايندي سئو دفعا سوچ ۾ پئجي ويندا ھئا.ڪجھ سال ٿيا، مون کي پنھنجي ھڪ مڪينڪ دوست، جنھن بعد ۾ ان گھٽيءَ ۾ دوڪان کوليو ھو، ٻڌايو ته عيدن سان ھن جي شادي بعد ھن گناھن واري زندگيءَ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي ۽ پوري سچائيءَ سان عيدن کي گھر وٺي ڏنائين ۽ ان ۾ شفٽ ٿي وئي، جتي ھن کي عيدن مان ٻه ٻارڙا به ٿيا. انھن جو گھر امام بارگاھ جي ويجھو ھڪ سوڙھي گھٽيءَ ۾ آھي، جتي ھاڻ ھُوءَ پنھنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آھي.مون کي اڄ به ياد آھي ته ان “بازار” جي ٻه نمبر گھٽيءَ جي ھڪ بالڪونيءَ ۾ ڪپڙي جي ھڪ شيٽ تاڻيل ھوندي ھئي، جنھن جي وچ ۾ بليڊ سان چِيرو ڏئي ڳچيءَ جيتري ھڪ ڳڙکي ٺاھي وئي ھئي، جتان ھري پور ھزاره جي ھڪ گوري ڇوڪري، جنھن جا نيڻ ۽ نقشا بلا جا تکا ھوندا ھئا، اھا ھر آئي وئي کي پئي اشاره ڪندي ھئي، ھن جي ڪم جو انداز بنھ مختلف ھوندو ھو، جڏھن به ھن وٽ ڪو ماڻهو ايندو ھو ته ھُوءَ ان سان مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪندي ھئي. مگر جھڙي مھل ھن جو گراھڪ ھڪ خاص مقصد لاءِ پيش قدمي ڪندو ھو ته ٺيڪ ان مھل دروازي تي ناڪ وڄندي ھئي ۽ ھن جي ئي ڪا ساٿي طوائف زور سان رڙ ڪري چوندي ھئي؛ “پوليس .. پوليس آگئي ھي، ڀاگو”. پوءِ ظاھر آھي ان صورتحال ۾ ڪير رستم پھلوان ھوندو، جيڪو پنھنجي پيرن تي بيھي سگھندو ھوندو.اھڙيون ڪيئي ڪھاڻيون مون ان “بازار” مان ھٿ ڪيون ۽ انھن کي قلم بند به ڪيو ھو پر افسوس جو اھو سڀ ڪجھ ڪٿي به شايع نه ٿي سگھيو ۽ وقت جي ڏاڪڻن تي چڙھندي چڙھندي ھاڻ به اسان جڏھن ھيٺ پنھنجي وھاميل وقت ڏي نھاريندا آھيون ته اتي کوڙ سارا اھڙا منظر به موجود ملن ٿا، جن جو اگر حصو ٿجي ھا ته سمنڊ جي گھرائيءَ جھڙو آنند ملي وڃي ھا پر اسان ھميشه اھو چئي پاڻ کي ماريو آھي ته،  “ماڻھو ڇا چوندا”.