ڳالهيون ڳنوارن جون … انڊس ڊيلٽا جي فارميشن ۽ زبون حالي

0
151
ڳالهيون ڳنوارن جون ... انڊس ڊيلٽا جي فارميشن ۽ زبون حالي

 نديون تازو ۽ مِٺو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ کاري پاڻيءَ سان ملائينديون آهن، پوءِ ندين جي ڇوڙ وٽ مِٺي پاڻيءَ سان وهي آيل لَٽ آهستي آهستي ڄمي پٿرائجي ويندي آهي. سامونڊي وِيرون به پاڻ سان واري کڻي ان لَٽ سان ٽڪرائجي ان کي وڌائينديون آهن. اهڙي طرح ڊيلٽا جي فارميشن ٿيندي آهي.انڊس ڊيلٽا سنڌو درياهه جي دين آهي. هي ندي ڪيترو سِلٽ کڻي ايندي آهي، ان لاءِ سکر وٽ 1902ع کان 1904ع تائين گڏ ڪيل ڊيٽا مطابق، 1902ع ۾ 285 ملين ٽن، 1903ع ۾ 443 ملين ٽن ۽ 1904ع ۾ 333 2/3  ملين ٽن سلٽ پاڻي سان گڏ سکر پهتو. اها ڄاڻ حاصل ڪانه ٿي سگهي ته ان جو ڪيترو حصو سمنڊ تائين ڊيلٽا ۾ داخل ٿيو پر ڊيلٽا جي زمين جي نقشن مطابق 1873ع کان 1904ع تائين درياهه جي ڇوڙ وٽ 97 چورس ميلن جي زمين ۾ واڌ آئي. ان حساب سان اٽڪل 3 چورس ميل زمين هڪ سال ۾ وڌي. لکن سالن جي ان عمل جو حساب لڳائي سمجهي سگهجي ٿو ته، ڊيلٽا جي فارميشن ڪيئن ٿيندي رهي. موجوده ڊيلٽا جي زمين 600,000 هيڪٽرز ٻڌائي ٿي وڃي.

اهي ملڪ خوشنصيب ۽ ڀاڳڀريا سمجهيا ويندا آهن، جن وٽ پنهنجا سمنڊ، درياهه ۽ ڊيلٽا هوندا آهن. پاڪستان اهو خوش قسمت ملڪ هو، جنهن کي ٻه عظيم الشان ڊيلٽا مليا، سنڌ ۾ انڊس ڊيلٽا ۽ بنگال ۾ سندربن ڊيلٽا. سندر بن ڊيلٽا سهڻو ۽ وڏي وڻڪار وارو ڊيلٽا هو، جتي جهرڪيءَ کان وٺي باز تائين ۽ نوريئڙي کان وٺي واگهه چيتي تائين هر قسم جي جهنگلي جيوت آباد هئي. آبي جيوت ۾ ننڍڙي کيکڙي کان وٺي وڏين اجگر مڇين تائين ڪروڙين قسمن جي مخلوق موجود هئي. وڏي ڳالهه ته سندر بن ڊيلٽا تي مينگروو (تمر) جا تمام وڏا ٻيلا موجود هئا. انهن مان چار وڏا ٻيلا محفوظ ڪيل هئا ۽ يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج تي تسليم ڪيل هئا. هي ڊيلٽا اولهه بنگال کان وٺي اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) جي علائقي تائين پکڙيل آهي. ان ڊيلٽا جي ٻيلن ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ هتان جا ماڻهو اڪثر ويندا رهندا هئا. شيخ اياز به چيتي جو شڪار ڪرڻ لاءِ اوڏانهن ويو هو ۽ اهي ٻيلا گهمي ڏٺا هئائين، جنهن جو ذڪر سندس ڪتاب جي ‘ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي’ ۾ ڪيل آهي. اهو ڊيلٽا 1971ع ۾ کسجي ويو.انڊس ڊيلٽا ڪلفٽن ڪريڪ کان ڪوري ڪريڪ (هاڻ سير ڪريڪ) تائين خوش قسمتيءَ سان موجود آهي. هن ڊيلٽا جي پکيڙ بابت ماهرين جا متضاد رايا آهن. بهرحال 356 ڪلوميٽر ڊيگهه ۽ 50 ميل (لڳ ڀڳ 85 ڪلوميٽر) ويڪر تسليم ڪيل ۽ ڀروسي جوڳي آهي. انڊس ڊيلٽا جي موجوده سرزمين جو نقشو ٺاهجي ته ان جي صورتحال ڪجهه هيئن بيهندي: گهارو نار کان هلي، ميرپور ساڪرو، گهوڙاٻاڙي سميت پير پٺو، گليل، ڳاڙهڪو ۽ ڪٽ صدناڻي وارا ٻيلا مٽي درياهه بادشاهه ڪراس ڪري، وزير جمالي وارو ڪونج ميلو، چوهڙ، شاهبندر، جاتي ۽ بدين جو ڏکڻ وارو پاسو وٺي پراڻي ڦٽل ڪاجهرڪوٽ تائين جا علائقا اچي وڃن ٿا. انڊس ڊيلٽا جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر کان عربي سمنڊ موجود آهي.هڪ ڄاڻ مطابق دنيا ۾ 89 وڏا ڊيلٽا آهن. انهن کان علاوه 885 وچولا ۽ 1460 ننڍا ڊيلٽا مختلف ملڪن ۾ موجود آهن. 11 ڊيلٽا خاص ۽ اهم ليکيا ويندا آهن، جن ۾ انڊس ڊيلٽا به شامل آهي. ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ فرات ۽ عرفات درياهه تي فرات- عرفات ڊيلٽا، نائيجيريا ۾ نائيجر درياهه تي نائيجر ڊيلٽا، سائوٿ آمريڪا ۾ اورينوڪو درياهه تي اورينوڪو ڊيلٽا، آمريڪا ۾ ميسپي درياهه تي ميسپي ڊيلٽا، روس ۾ وولگا درياهه تي وولگا ڊيلٽا، ۽ لينا درياهه تي لينا ڊيلٽا، سنڌ پاڪستان ۾ سنڌو نديءَ تي انڊس ڊيلٽا، چين ۾ ‘هئانگ هي’ درياهه تي ‘هئانگ هي’ ڊيلٽا، ويٽنام ۾ ميڪانگ درياهه تي ميڪانگ ڊيلٽا، هندستان ۾ گنگا ۽ برهمپترا تي گنگا- برهمپترا ڊيلٽا ۽ بنگلاديش ۾ ميگهنا درياهه تي سندر بن ڊيلٽا دنيا جا مشهور ڊيلٽا آهن.

انڊس ڊيلٽا جي زمين:

ڊيلٽا جي زمين ڪچي ۾ لٽاسي ۽ ٻهر واري آهي. ان کان علاوه مٺو ڪلر، ٺٺ ڪلر ۽ شور واري زمين وڌيڪ آهي. ڀل واري زمين ڀلي سمجهي ويندي آهي. گسياري زمين ۾ واريءَ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي جڏهن ته ڏنگاڇي زمين ۾ 6 کان 7 سيڪڙو سوڊيم ڪلورائيڊ هوندو آهي. رڻ ڪڇ جي پاسي سخت زمين کي ڪاٺي زمين سڏيندا آهن.

انڊس ڊيلٽا جي آبهوا:

انڊس ڊيلٽا ۾ گهم جو تناسب وڌيڪ هوندو آهي. هتي ماڪ گهڻي پوندي آهي. اوهين منجهند جو ڪنهن وڻ جو پاسو ڏيئي مٽيندا ته پاڻي مينهن وانگر وسي پوندو. جهنگ مان گذرندي ڪپڙا به پسي ويندا آهن. ڪلراٺي زمين گپ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ڪنهن به علائقي جو گرمي پد سولر ريڊيئيشن ذريعي ڪنٽرول ٿيندو آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ گرمي گهٽ ٿيندي آهي. سرءُ ۾ مڇر گهڻو ٿيندو آهي. سال جو ڳپل حصو آسمان تي بادل ڇانيل رهندا آهن. جون کان اولهه ڏکڻ کان واهوندي جون هوائون گهلڻ لڳنديون آهن.

ڊيلٽائن جا اڪيچار فائدا آهن. سمنڊ جي لهرن کي روڪي زمين کي کاڌ کان بچائين ٿا. هتي جي وڻڪار (مينگروو) جي پاڙن ۾ مڇي، جهينگي وغيره جون نرسريون آهن، جتي هو آنا لاهي سگهنديون آهن. مينگروو جون پاڙون سامونڊي ڇولين کي روڪي رکنديون آهن، جنهن ڪري انهن جا آنا محفوظ رهندا آهن. ڊيلٽا جهنگلي ۽ آبي جيوت جي پناهه گاهه آهن. انڊس ڊيلٽا تي 135,000 ماڻهن جو گذران آهي. مٺي پاڻي جي اڻهوند جي ڪري هاڻ انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهيو آهي. هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائيندو پيو وڃي. بس آسمان ڏي هٿ آهن.

ڪونهي ڪميڻيءَ جو بگر تو بلو،

تنهنجو نام نلو، وٺيو ويٺي آهيان.

(لطيف)