سوشل ميڊيا جي ‘ٻوڙي خلق’ ۽ اڏامندڙ ڪوڙ

0
283
سوشل ميڊيا جي ‘ٻوڙي خلق’ ۽ اڏامندڙ ڪوڙ

 “جڏهن سچ اڃا بوٽ مس پائيندو ته ڪوڙ اڌ دنيا جو چڪر ڪاٽي وٺندو آهي!” اهو قول، مارڪ ٽوائن جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو آهي. گهڻن ماڻهن موجب جوناٿن سفٽ اها ڳالهه ڪئي هئي. ڪوڙ لاءِ ڪنهن اهو پڻ چيو ته، “ڪوڙ کي پَرَ هوندا آهن، اهو اڏامندو آهي، جڏهن ته سچ منڊڪائي هلندو آهي.” صدين کان جاري ڪوڙ جي سرسيءَ کي ڏسي، هن صديءَ ۾ هڪ اميد، هڪ آروز، هڪ خيال پيدا ٿيو ته هاڻي اهي جعلي خبرون، بي بنياد ڪوڙ ۽ مفروضا پاڻهي ختم ٿي ويندا، پر ائين نه ٿيو. ختم ڇا ٿئي؟ هٿئين زور ٿي ويا! ڇاڪاڻ ته اطلاعن جي جديد ٽول سوشل ميڊيا جي موجودگيءَ ۾ سچ کي ڳولهي ظاهر ڪرڻ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ چئلينج جي برابر آهي.

                 اها سچائي پڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي اڏامندڙ ڪوڙ کي پڪڙڻ نه صرف ڏکيو آهي پر اهو آرام سان پنهنجو ڪم به ڪري وڃي ٿو. ان جا ڪيترائي مثال آهن. بظاهر ڄاڻ جي هن جديد دؤر ۾ ڪنهن جي خلاف بندوق کڻڻ جي ضرورت ناهي، بس ڪجهه ماڻهن تي ٻڌل هڪ ٽيم هجي، جيڪا ڪوڙ جو ڦهلاءُ اهڙي ريت ڪري، جو اهو سچ لڳڻ شروع ٿي وڃي. توهان ڏسندا ته ان جي اڳيان وڏين پارٽين جا اڳواڻ، ايتري قدر جو رياست جا رهنما پڻ وضاحتون ڏيڻ ۾ پورا هوندا. وڌيڪ نه، رڳو پاڻ وٽ مقامي سطح تي ان جو جائزو وٺجي ته اندازو ٿي ويندو ته ڇا پيو ٿئي. ها، ان ۾ غير ذميداريءَ سميت غير سنجيدگيءَ جا ٻئي عنصر پڻ نمايان آهن. جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي نالي خبر هلي وئي ته اهو گذاري ويو آهي. هاڻي ڏسو ته سوشل ميڊيا جا اسٽار ان کي ڪيئن ٿا پکيڙين! پهريون همراهه، جنهن اهو ڪوڙ سوشل ميڊيا جي ڪنهن پليٽ فارم تي رکيو، هاڻي ان کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، بس هو آرام سان ويهي ڏسندو رهي، مسڪرائيندو رهي، هن جو ڪم ٻوڙي خلق پاڻهي ڪندي رهندي. ان سڄي عمل کي نفسيات جي اصطلاح ۾ ‘هجوم جي سوچ’ پڻ چئي سگهجي ٿو. بلڪل، ٻڪرين جيان، جن مان هڪ ٻڪريءَ کي جڏهن ٻڪرار پنهنجي مرضيءَ سان هڪ پاسي ڌڪيندو ته باقي به ان پاسي زور رکنديون. اسان جو دوست ڪامريڊ جاويد راڄپر، اڪثر چوندو آهي ته ڪنهن به معاشري لاءِ ‘موت’ کان وڌيڪ سنجيده ڳالهه ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي! ان لاءِ پاڻ جتي زندگيءَ جي ان نازڪ مسئلي تي جيترا بيحس ٿي رهيا آهيون، سوشل ميڊيا، ان جو خلاصو پيش ڪري ٿي.

سوشل ميڊيا جي ان رويي کي ڏسي، سال 2018ع ۾ هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني، گوگل، فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر ڏانهن هڪ تنبيهي خط لکيو ته جيڪڏهن جعلي خبرن ۽ ڪوڙ جي وهڪري کي ٻنجو ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش نه ڪئي ويئي ته هو اشتهارن کي روڪي ڇڏيندي. جنهن جي جواب ۾ چيو ويو ته، هر ماڻهوءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ناهي، هو ان سلسلي ۾ صرف ڪوششون ڪري سگهن ٿا! ان سڄي مامري ۾ ‘نيويارڪ ٽائيمس’ ۾ هڪ مضمون شائع ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا تي عام ماڻهن طرفان جعلي خبرن جي پکيڙ کي روڪڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، توهان آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڇا ڪندا، جنهن پنهنجي اقتدار جي شروع واري هڪ سال ۾ سوين ڪوڙيون دعوائون ڪيون آهن! اهو ته ٿيو ڊونلڊ ٽرمپ جو سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ ڪوڙين دعوائن جو قصو…. توهان کي ياد هوندو ته مارچ 2003ع ۾ ڪهڙي ريت آمريڪا پنهنجي مک ميڊيائي پروپيگنڊا ذريعي ڪوڙ مٿان ڪوڙ هڻي دعوائون ڪندو رهيو ته عراق وٽ ايٽمي هٿيار آهن ۽ پوءِ ان جي بنياد تي حملو ڪري ملڪ کي ڀڙڀانگ ڪيو ويو، نتيجو ڇا نڪتو؟ ڪو به ايٽمي هٿيار نه نڪتو. پوءِ بس ان وقت جي برطانوي وزير اعظم پاران غلطيءَ جو اعتراف، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.

سوال هي به آهي ته ماڻهو، ڪهڙي سبب جي ڪري بنا ڪنهن تصديق جي ڪوڙيون خبرون اڳتي پکيڙين ٿا؟ ان لاءِ نفسيات جا ماهر ٻڌائين ٿا ته سچيون خبرون رُکي مانيءَ جيان هونديون آهن، جڏهن ته ڪوڙ، ٻوڙ پلاءَ جيان، جنهن ۾ تمام گهڻي لذت هوندي آهي. سچيون خبرون گهڻو ڪري سطحي هونديون آهن، ان ڪري پرڪشش ناهن لڳنديون. نتيجي ۾ گهڻو توجهه حاصل ناهن ڪري سگهنديون، ڪوڙين خبرن ۾ مرچ مصالحا جام هوندا آهن! ڪوڙيون خبرون ڪهڙي ريت پيدا ٿين ٿيون؟ ان لاءِ محقق ٻن قسمن جا اصطلاح استعمال ڪن ٿا: هڪ، غلط ڄاڻ…. هن قسم جي خبرن ۾ سچ جي ڪجهه آميزش شامل هوندي آهي. ٻئي قسم جي خبر، قطعي طور پنهنجو وجود ناهي رکندي، اها ڪنهن شاطر ذهن طرفان جوڙيل هوندي آهي.

ماهرن موجب، پهرئين قسم جون خبرون، اسان جي معاشري ۾ تيزي سان پکڙجن پيون. مثال طور: هڪ شخص يا ڪنهن فيمليءَ سان حادثو ٿئي، هو ان ۾ زخمي ٿين ٿا ته انهن کي مارڻ سوشل ميڊيا تي ويٺل جوڌن جو ڪم آهي.

سال 2017ع ۾ انڊونيشيا جي چيني ڄاول عيسائي گورنر تي الزام هنيو ويو ته هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي. خبرن کي اهڙي ترتيب ۽ تنظيم سان پکيڙيو ويو، جو همراهه توڻي جو ملڪ ۾ وڏي عهدي تي ويٺل هو، پر ايڏو پريشان ٿيو جو نيشنل ٽي وي تي اچي روئي وضاحتون ڏيڻ شروع ڪيائين ته هن جي سڄي زندگي، مسلمانن سان گڏ گذري آهي، ڪهڙي ريت پاڪ ڪلام جي توهين ڪري سگهي ٿو! وضاحت کان اڳ هن جي مٿان ڪيس پڻ داخل ٿي چڪو هو، ۽ روئڻ ۽ وضاحت کانپوءِ همراهه جو بچاءُ ٿي ويو، پر سري لنڪا جي ان همراهه کي بخش نه ڪيو ويو، جيڪو پنجاب جي شهر سيالڪوٽ جي فيڪٽري ۾ مئنيجر هو، ان جي مٿان توهين مذهب جو الزام لڳو، پوءِ ڪهڙي ريت هن کي پڪڙي زنده ساڙيو ويو، اهو ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ وڏي الميي کان گهٽ نه هو!

سماجي سائنس جي ماهرن موجوده دؤر کي ڪوڙين خبرن جي حوالي سان نهايت خطرناڪ قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ميڊيا جي معاملي ۾ هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان خبرن کي پکيڙي ٿو. سامهون اهي خبرون جنهن کي متاثر ڪن ٿيون، جيسيتائين جواب ڏئي، گهڻي دير ٿي ويندي آهي. سوشل ميڊيا تي ڪوڙن جي اهڙي ٻوڏ جو جڏهن مين اسٽريم ميڊيا سان تقابل ڪجي ٿو ته مُک ميڊيا بتدريج بهتر لڳي ٿي. ماڻهن جو ان جي مٿان ڪجهه اعتماد ضرور آهي. ان لاءِ وري سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن جي ڪاريگرن قومي چينلس جا اسڪرين شاٽس رکڻ شروع ڪيا آهن، جن تي ماڻهن کي جلدي يقين اچي وڃي ٿو. ماڻهو، ان چينل جي لوگو کي ڏسي ان جي نالي سان ڪوڙين خبرن کي سچيون سمجهي اڳتي وڌائين ٿا. ڳالهه رڳو ٽي وي چينلس تائين محدود ناهي، پر وڏين ويب سائيٽس جا حوالا پڻ رکيا وڃن ٿا. ڪجهه معاملن ۾ ته جعلي ويب سائيٽس پڻ وقتي طور ٺاهيون وڃن ٿيون، جن کي هڪ ڪِلڪ سان کولي جعلي خبر کي ڏسي يقين ڪري سگهجي ٿو.

اهڙين حالتن ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ سواءِ عام ماڻهن کي تعليم ڏيڻ جي، انهن کي سمجهائڻ جي ته هو، ڪنهن به خبر کي ٻڌڻ کانپوءِ گهڙي کن لاءِ ضرور سوچين ته ڪٿي اها خبر ڪوڙي ته ناهي! خاص ڪري ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اڳتي ڪرڻ توهان جو فرض ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪوڙ به ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ ان ڪوڙي خبر جي ڪري لاڳاپيل فرد ۽ ان جي فيمليءَ کي جهڙي ريت تڪليف پهچي ٿي، اها به ڪنهن موت کان گهٽ ناهي هوندي.