مايوسي ۽ محروميءَ جو شڪار نوجوان

0
291
مايوسي ۽ محروميءَ جو شڪار نوجوان

 اسان جو ملڪ دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي، جتي وڏي آبادي نوجوانن جي آهي. نيشنل هيومن ڊيولپمينٽ جي هڪ رپورٽ مطابق اسان جي ملڪ ۾ 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن جي آهي. جنهن ملڪ ۾ ايتري آبادي نوجوانن جي هجي، اهو ملڪ پوءِ به معاشي بدحالي جو شڪار هجي، هر وقت اسانکي قرض لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن هٿ ٽنگڻو پوي، آخر ڇو؟ انهيءَ ڳالهه تي هڪ ڳوڙهي ويچار جي ضرورت آهي. افسوس سان لکي رهي آهيان ته اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي اسين پنهنجي ٻارن جي ٻالڪپڻ کان وٺي جواني جي دهليز تائين پهچڻ تائين کين ڪوڙ، ٺڳي، سفارش ۽ رشوت جي تربيت ئي ڏيون ٿا. يقينن سمورا والدين ايئن نه هوندا پر اڪثريت ايئن ئي ڪري ٿي. مان تعليمي شعبي سان تعلق رکان ٿي، مان اڪثر ڏسندي آهيان ته اسان وٽ ڄاڻ سڃاڻ ۽ واسطيدار ماڻهو ڪم کڻي ايندا آهن ته سندن پٽ يا ڌيءَ فلاڻي اسڪول ۾ داخلا لاءِ ‘اپلائي’ ڪيو آهي ۽ ٽيسٽ پاس ڪئي آهي يا ناهي ڪئي، هن کي داخلا ڏيارڻ ۾ مدد ڪريو. اهو هڪ اهڙو سفارشي ڪلچر آهي، جيڪو دوستي ۽ تعلقات جي بنيادن تي ننڍڙي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. مان جيتوڻيڪ انهن سماجي لاڳاپن جي بنيادن تي کين کتو جواب ناهيان ڏئي سگهندي، پر مان سوچيندي آهيان ته اسين اهو ڇو نٿا سمجهون ته پنهنجي ٻار جي لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪريون ٿا، پر ڪنهن حقدار ٻار جو حق ٿا ماريون، انهيءَ سان ڪهڙا سماجي معيار پئدا پيا ڪريون؟ ايئن ئي وري اسين پنهنجي گهرن ۾ ٻن ٻارن جي ڪنهن ضد جي صورت ۾ انهن سان ڪو نه ڪو ڪوڙ ڳالهائيندا آهيون، انهن کي ڪنهن ضد تان لاهڻ لاءِ لالچ ڏيندا آهيون، ٿورو ٻار سمجهدار آهي ۽ انهيءَ کي ڪو ڪم چوندا آهيون، ناهي ڪندو ته هن کي خرچيءَ جي لالچ ڏيندا آهيون ۽ پوءِ لالچ جي آڙ ۾ ٻارن کان اهو ڪم ڪار وٺندا آهيون، جيڪو عمل انهيءَ ٻار جي تربيت تي اثر انداز ٿئي ٿو. اهو ئي ٻار وري جڏهن نائين ۽ ڏهين درجي ۾ اچي ٿو ته بورڊ جي امتحان دوران والدين ڪاپي ڪرائڻ لاءِ اسڪول انتظاميا کي منٿون ڪرڻ کان وٺي بورڊ مان مارڪون ‘مينيج’ ڪرڻ تائين پنهنجي ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ ڪوشش ڪن ٿا. جيڪو ٻار نائين درجي کان وٺي ‘مينيج’ ٿيل مارڪن جي ذريعي پوزيشن ھولڊر هجي، اهو ٻار اڳتي هلي سماج لاءِ ڪهڙو ڪارآمد شهري ثابت ٿيندو؟ انهيءَ کانپوءِ جڏهن اهو ئي ٻار ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڪار سانگي وڃي ٿو ته اتي به کيس نه رڳو رشوت ادا ڪري ڪم ڪرائڻو ٿو پوي پر اهو جتي ڪم سان وڃي ٿو، انهن جي رويي مان به ايڏو متاثر ٿئي ٿو جو هو سکي ٿو وٺي ته ڪنهن به سيٽ تي ويهڻ ۽ اختيار ملڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته ٻين تي رعب ۽ داٻو ڄمائڻ سان گڏ انهن سان اڍنگو رويو ئي اختيار ڪرڻو آهي. سمورا آفيسر يا عملدار ائين ناهن هوندا پر اڪثريت ايئن ئي آهي. جڏهن اهو ٻار ڪنهن يونيورسٽي ۾ وڃي ٿو ته اتي به انهيءَ جي داخلا وقت به والدين اڪثر ڪري سفارش ڪرائين ٿا. تازو مونکي هڪ واسطيدار ٻڌايو ته سندن ڌيءَ پاسپورٽ ارجنٽ ٺهرائڻ لاءِ وئي ۽ چئن ڏينهن ۾ هن کي ارجنٽ پاسپورٽ ملڻو هو، هن سموريون گهرجون پوريون ڪيون، پر کيس چئن ڏينهن ۾ پاسپورٽ ته نه مليو پر جڏهن هڪ هفتي بعد به هوءَ پاسپورٽ کڻڻ وئي ته کيس عملي کي ڪجهه خرچي ڏيڻي پئي. هاڻي ان قسم جو عمل انهيءَ ڇوڪريءَ جي ڪهڙي تربيت پيو ڪري؟ اها ڇوڪري هجي يا ڇوڪرو يا وري ٽرانسجينڊر ڇو نه هجي، انهن سڀني کي اهو ئي سماج سيکاري ٿو، ته اهي ڪهڙي راه جا راهي ٿين.

چيو پيو وڃي ته گذريل مهيني سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ماڻهن اميگريشن ورتي، ته سوال اهو آهي ته اسان جو ماڻهو جيڪو پنهنجا رشتا، تعلقات، وطن ۽ واسطا سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجي زندگي بهتر بنائڻ جا خواب کڻي ٻاهر وڃي ڇو ٿو؟ تازو جيڪو اٽلي وارو افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي، جنهن ۾ ايجنٽ انهن نوجوانن کي سنهري خواب ڏيکاري انهن کان پئسا ورتا ۽ انهي سان ڪيپٽيل لاس به ٿيو ته هيومن لاس به ٿيو. اهي ئي نوجوان جيڪڏهن هن ملڪ ۾ پنهنجي انهن ئي پئسن سان سيڙپڪاري ذريعي ڪو ننڍڙو ئي روزگار ڪن ها ته شايد انهن جي زندگي بچي وڃي ها پر اسان وٽ جڏهن سمورا دليل ختم ٿي ويندا آهن ته پوءِ اسين وري انهي کي “ لکئي جو ليک ايئن ئي هو” چئي ٽاري ڇڏيندا آهيون. بيشڪ لکيو هجڻ واري ڳالهه به ڪجهه حد تائين ٺيڪ آهي پر انسان کي خدا اشرف المخلوقات طور انهيءَ ڪري خلقيو آهي ته جيئن هو پنهنجا فيصلا سوچي سمجهي ڪري. سو جيڪي نوجوان ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃن ٿا، انهيءَ جي پٺيان روزگار ۽ خوشحالي جي خوابن سان گڏ هڪ سماجي بيزاري پڻ آهي، جنهن جا ذميوار اسين سڀئي آهيون. هن وقت پاڪستان جي وڏن شهرن جي حالتن انهن ڳوٺن جهڙي آهي، جتان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پڙهي لکي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ آباد ٿئي ٿو، ايئن ئي وڏن شهرن جا ماڻهو پنهنجي تعليمي قابليت ۽ ذاتي واسطن جي بنيادن تي انهن شهرن مان نڪري پرڏيهه هليا ٿا وڃن، ڇاڪاڻ جو اهي پنهنجو روشن مستقبل، سماجي سک ۽ محفوظ مستقبل اتي ٿا سمجهن. ايئن ئي اسانجو ڳوٺاڻو ماڻهو به پنهنجي ٻارن جي تعليم، روزگار سميت سموريون آسائشون ۽ پاڻ کي وڌيڪ محفوظ شهرن ۾ ٿو سمجهي، انهيءَ ڪري هو وڃي شهر وسائي ٿو.يقينن ماڻهن جي لڏپلاڻ وارو سلسلو هڪ ته فطري به آهي پر اسان وٽ انهيءَ عمل جي پٺيان سماجي صورتحال آهي، جنهن سبب ماڻهو پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي ٿا ڏين، خاص ڪري اسان جو نوجوان جيڪو انهيءَ سماج جو حصو آهي ۽ سموريون سماجي برايون اکين سان ڏسي ٿو ته پوءِ اهو انهن مان جان ڇڏائڻ ٿو چاهي. انهيءَ فراريت جي چڪر ۾ هو نه رڳو پنهنجو ڳوٺ، شهر پر ملڪ به ڇڏڻ لاءِ تيار آهي. ان مان لڳي ٿو ته اسان وٽ هاڻي نوجوانن جو جيڪو ايڏو وڏو انگ آهي، اهو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ گهٽجڻ جو خدشو آهي. اهڙين حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان کي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ايمانداري پنهنجي گهر کان شروع ڪرڻي پوندي. هر ماڻهو پنهنجن ٻارن کي سچ سيکارڻ کان وٺي انهن لاءِ رشوت يا سفارش عيوض ڪو به ڪم ڪرائڻ کان جڏهن گريز ڪندو ته پوءِ اسان وٽ سماجي تبديلي ممڪن ٿي سگهندي. انهيءَ عمل سان يقينن ايندڙ ڪجهه سال ڏکيا به گذرندا پر هڪ سڌرڻ وارو روڊ ميپ ملي ويندو، ٻي صورت ۾ اثر رسوخ ۽ سفارش عيوض جيڪڏهن اسين پنهنجي پٽ يا ڌيءَ، ڀاءَ يا ڀيڻ لاءِ رڳو ڪم وٺنداسين ته انهيءَ سان سماج ۾ بگاڙ ٿيندو ۽ جنهن جي سڌارڻ جا خواب کڻي اسين سمورا اثر رسوخ استعمال ڪنداسين ته اهي به تيستائين ڪو لاڀ نه ڏئي سگهنداسين، جيستائين سماج ۾ مڪمل طور انصاف ۽ برابري ميسر نه هوندي. انهيءَ ڪري اچو ته عهد ڪريون ته پنهنجي نوجوانن کي سڌي ۽ سٺي راهه ڏيکارڻ لاءِ سندن سفارش، رشوت، ڪوڙ توڙي ٺڳيءَ کان پاڪ تربيت ڪريون، جيئن اسان جي اولاد ۽ انهن جي اولاد جو روشن مستقبل يقيني بڻائي سگهجي ۽ هن ملڪ مان فراريت بدران نوجوانن جي دل ۾ حب الوطني جو ڏيئو روشن رهي.