مسئلا ئي مسئلا

0
142

ليکراج ميگهواڙ

  دنيا ۾ هڪ ئي شيءَ بار بار ورجائي وڃي ٿي، باربار چئي وڃي ٿي ۽ باربار نئين سري پيدا ٿيندي وڃي ٿي. اُھا شيءَ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ سوال جو سوال هجڻ ئي بهتر حالت چئبي! جواب ته حاصلات آھي. حاصلات ۾ اُھا تڙپ، لڇ ۽ پڄرڻ وارو عمل ناهي جيڪو لاحاصلات ۾ ڦٽو ڪيل آھي. شيون کوڙ آھن جيڪي تبديل ٿين ٿيون. شڪلون مٽائن ٿيون. نوان دڳ طئي ڪن ٿيون. گهڻيون شيون وقت ۽ حالتن جي وهڪري ۾ لُڙھي ناس و نابود ٿيو وڃن ٿيون، انهن شين جي پرک پروڙ تمام گهٽ ٿي آھي. جيڪا شيءَ هڪ ئي حالت ۾ برقرار رهي آھي، رهي ٿي اُھي آھن پنهنجا پنهنجا مسئلا!

                 مسئلن سان کوڙ مسئلا آھن! مسئلن جي نوعيت ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي، مسئلو منجهيل به هوندو آھي ته مسئلا ظاهر ظھور به هوندا آھن پر انهن کي سڌو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آھي! ڪالھ جو تعين وقت ڪندو اڄ جو ۽ اڄ جي حالتن جو تجزيو انسان ڪري ۽ انهن جو حل ڳولهي ته ان کي ڏاهپ چئبي. زمانو ڪيتري شدت سان ۽ ڪيئن بدلجي پيو ٺهي پيو يا خراب ٿئي پيو! جيڪڏھن مسئلا نه هجن ته زمانو ڪينَ زمانو سڏائي! زماني جو پيٽ مسئلو آھي! پيٽ ۾ بُک پيل هوندي آھي، اُھا بُک وڌندي ۽ لڳندي ئي رهي ٿي.

سمورا مسئلا ننڍا توڙي وڏا هر هڪ هڪجهڙو ئي ساھ کڻن ٿا! مسئلا جيئندا آھن مرندا آھن سدابهار به بڻبا آھن پر جيڪي وقت سان گڏ ناس و نابود ٿيندا آھن اُھي مسئلا وڏي وقت تائين جو سفر طئي ڪن ٿا پر حل ضرور ٿيندا آھن! انهن جي حل جو زمانو ڪنهن درد پيڙاءَ وانگر ناسور بنجي ويندو آھي! اُھو بيٺل زمانو ڪنهن ڀڳي ھڏ جيئن سماج کي باربار پيو نچوڙيندو آھي، پر اهڙن مسئلن کي زمانا ئي گهرجن جيڪي حرڪت ۾ آڻي بيٺل پاڻي ۾ ڪا نيئن لهر اڀاريندا آھن.

سموري دنيا ۾ روز مسئلا جنم وٺن ٿا ۽ وڌندا رهن ٿا. ڪي مسئلا نبيرڻ جون حدون ٽپي ويندا آھن ته ڪي حدن ۾ ئي دم ٽوڙيو ڇڏين ٿا. دنيا ۾ مسئلن جا کوڙ قسم آھن، جيئن کوڙ رنگ آھن بلڪل ائين مسئلا آھن. ڪي رنگ هلڪا هوندا آھن ڪي گهاٽا هوندا آھن، ڪي ڏسڻ ۾ تڪليف ڏيندا آھن ته ڪي وري دل کي پيا وڻندا آھن جيڪي باربار ڏسڻ لاءِ دل چوندي آھي.

دنيا جا گهڻا سڌريل ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندي روز نت نوان تجربا ڪري حيران ۽ پريشان ڪري رهيا آھن، پريشان اُھي بنجي رهيا آھن جن وٽ اهڙا عمل ڪرڻ لاءِ گنجائش ڪونهي، اهڙا ماڻھو ناهن! جن وٽ آھن انهن سان معاشي مسئلا آھن.

مسئلا وري نه اڳ وٺي بيٺل آھن! سڌريل ملڪن جو مثال هر شعبي جو ماڻھو ڏيندو آھي اهو به هڪ مسئلو آھي جنهن کي اسين گلوبلشين پرابلم چئي سگهون ٿا.

اٿينس ۾ سقراط سان ھڪ ئي مسئلو هيو ته هن کي ان وقت جي رياستي نظام بابت اختلاف هئا. سقراط کي سندس زال گهڻا ڀيرا ان بابت معني ڪيائين ته تون هن مسئلي کي ڇڏي ڏي! پر سقراط کي سچ جي سچ جو مينار ٺاهڻو هو. سقراط تبليخ شروع ڪئي. شهر جا نوجوان هن طرف مائل ٿيڻ لڳا. شهر ۾ هڪ کان ٻئي ماڻھو تائين ڳالھ مان ڳالهڙو بنجي وئي ۽ ملڪ جي مالڪن تائين خبر تيز ڇُري جيئن چيري وئي.

سقراط بابت پتو لڳايو ۽ وڃي ڳولهي هٿ ڪيو. پنج سئو ماڻھن جي جيوري ويهاري وئي. ڳالهيون ٿيون الزام لڳا ۽ هن قبول ڪيا. سقراط سان مسئلو هو ته آئون قبول نه ڪندس يا اٿينس ڇڏي ويندس ته آئون سموري حياتي هن مسئلي سان هارائي ويندس! ڪريٽو سقراط جو دوست جنهن سقراط کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي هئي! سقراط وٽ آيو ۽ هن کي چيائون ته تون هتان وڃ هليو بندوبست ٿي چڪو آھي، سقراط مسڪرائيندي آئون هيملاڪ ئي پيئندس ۽ گھڻن مسئلن مان آزاد ٿيندس ۽ هي سماج به آزاد ٿيندو! سقراط زهر پيتو. يونان سميت دنيا اڄ به سقراط کي سچ جو رکوالو سمجي ٿي. سقراط جو نظام بهتر هئڻ جو مسئلو سقراط جي موت بعد ڪيترو حل ٿيو يا نه اهو مسئلو سقراط هيملاڪ جي آخري گهونٽ تائين پاڻ سان گڏ کڻي ويو.

دنيا ۾ گھڻا ماڻھو اهڙا ٿي گذريا جن جو ڪردار انسان جي تاريخ تي سرخرو ٿي رهيو آھي. اهي ماڻھو انسان جي زرخيز زمين ۾ گلن جيئن مهڪندا آھن جن جا مسئلا اجتمائي هئا انهن وٽ عزم هو سچائي هئي ۽ انهن پنهنجي حياتي ۾ تڪڙن نتيجن جي لوڀ لالچ کان ڪوهين ڏُور هيا.

بُرونو جي باھ، مارڪس جو ذھني پورهيو، هيگل جي همدردي، سميت دنيا ۾ گھڻا اهڙا مثال آھن جن وٽ مسئلا بلڪل انوکا هئا. سموري دنيا سميت سنڌ ڌرتي جي گود ۾ به اھڙا انمول ڪردار پلي پيا جن انسان سماج کي هڪ شڪل شبيھ ۾ ڏسڻ جا قائل هئا. انهن ڏينهن رات اڻٿڪ ذھني جسماني شعوري ۽ فڪري پورهيا ڪري پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ويا. انهن جا نتيجا ضرور وقت نروار ڪندو. جيڪي ضرور اونداهي کي روشني ۾ تبديل ڪندا.

مسئلن کي گهڻا مسئلا درپيش ھوندا آھن. ذاتي انفرادي ۽ اجتمائي به ھوندا آھن. انهن سمورن مسئلن کي ننڍو وڏو نه ٿو ڪري سگهجي! ڇاڪاڻ جو هر مسئلو، مسئلو هوندو آھي! بس ايترو هجي ته مسئلن کي سنجيده وٺجي جيئن هر اُھو سماج پاڻ کي بهتر بنائي سگهي. مسئلن جو شعور ئي انهي سماج انسان علم ۽ ادب جو ڪارج چئبو…،