ھالا (ن پ ا) ھالا ڀرسان ڳوٺ بھرام جت جي رھواسين پنھنجي ئي جت برادري جي ماڻھن جي ناانصافين خلاف ھالا قومي شاھراهه بند ڪري ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي. مظاھرو ڪندڙن برڪت علي جت، اسلم جت، علي خان، امتياز، راشد جت ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته برادريءَ جي بااثرن نامعلوم ھٿياربندن گذريل رات دير سان ڳوٺ بھرام جت ۾ اسان جي گھر تي حملو ڪري نوجوان عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر نينگري جي رڙين تي اسان سجاڳ ٿي وياسن جنھن کان پوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس انتظاميا به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي، ڀٽ شاهه پوليس جوابدارن بدران اسان جي گھر تي چڙھائي ڪري اسان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اچي ٿي. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، بعد ۾ پوليس انتظاميا ۽ مظاھرين وچ ۾ ڳالھيون ٿيون پوليس پاران مظاھرين کي انصاف جو يقين ڏياريو ويو، بعد ۾ مظاھرين قومي شاھراهه کولي ڇڏيو ۽ ٽريفڪ بحال ٿي وئي.