گينگ ريپ بعد ناري جو آپگهات: 4 جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ جو حڪم

0
264
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي

ڪلوئي ۾ اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ناري طرفان آپگهات ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 4 جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان معاملي بابت ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي دوران جاچ ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي
ڊي آءِ جي ميرپور خاص طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ 4 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

عدالت ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته متاثر ڪٽنب ۽ فريادي ڌُر سان سهڪار ڪيو وڃي
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ميرپور خاص ذوالفقار مهر چيو ته فريادي ۽ شاهدن عدالت ۾ ڪليئر ڪيو ته پوليس کي اطلاع نه ڏنو ويو هو، متاثر ڌُر پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي

ھي به پڙھندا

گڊو ويجھو پنجاب جي ڪوٽ مٺڻ ٿاڻي جي حد ۾ ناري سان مبينا اجتماعي لڄالٽ

جيڪب آباد جي پوليس هيڊڪوارٽر ۾ نينگري سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف

سنڌ ۾ سال 2021ع دوران 82 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف