سنڌ ۾ سال 2021ع دوران 82 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف

0
246
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

ڪراچي: سنڌ ۾ سال 2021ع دوران 82 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس رپورٽ موجب ڪراچي جي اوڀر زون ۾ اجتماعي زيادتي جا سڀني کان وڌيڪ 39 ڪيس رپورٽ ٿيا

ڪراچي سائوٿ ۾ 13، ويسٽ ۾ 11 ۽ سينٽرل ۾ 11 ڪيس رپورٽ ٿيا.رپورٽ موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ اجتماعي زيادتي جا 3 ڪيس رپورٽ ٿيا

پوليس رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ هڪ، ڄامشورو ۾ 2 ۽ سجاول ۾ هڪ عورت سان گينگ ريپ ڪيو ويو، شهيد بينظيرآباد ۾ هڪ عورت کي گينگ ريپ جو نشانو بڻايو ويو. سال 2020ع دوران صوبي ۾ اجتماعي لڄالٽ جا 65 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.