خيرات نه ٿا گهرون، نقصان جو ازالو ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

0
370
خيرات نه ٿا گهرون، نقصان جو الزالو ڪيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته خيرات نه ٿا گهرون، جِن جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو آهي، اُنهن جي ذميواري آهي ته مدد ڪن

هن چيو ته اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي، پر ساڍا 4 لک کان وڌيڪ خيما نه مليا، اعتراف ڪيون ٿا ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهن کي رليف نه ڏئي سگهيا آهيون
وڏي وزير مراد علي شاهه رتوديرو، ميرو خان ۽ ڏوڪري ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جا دورا ڪيا، جنهن دوران کيس برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت بريفنگ به ڏني وئي

وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ تربيلا جهڙن 20 ڊئمن جيترا وسڪارا ٿيا آهن، درياهه جي ساڄي پاسي ڪشمور کان منڇر ۽ سيوهڻ تائين رڳو درياهه نظر ايندو، ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو
هن چيو ته پاڻي کي منڇر ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي، امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ملڻ جون ڳالهيون غلط آهن
مراد علي شاهه چيو ته راشن ڏينهن جو نه، پر رات جو ورهايو ويندو آهي، 2010ع جي ٻوڏ ۾ به رات جو راشن ورهايو هو
ٻئي پاسي رتوديرو ۾ ٻوڏ متاثرن وڏي وزير اڳيان امداد نه ملڻ جون دانهون ڪيون، عورتون ۽ ٻارن سوڌو ٻوڏ متاثرن دانهيندي چيو ته گهر ٻڏي وڃڻ بعد دربدر ٿي ويا آهيون
متاثرن دانهيو ته انتظاميا هيل تائين خيما ۽ راشن ناهي ڏنو، ٻچن سوڌو بکون ڪاٽي رهيا آهيون
وڏي وزير جي قافلي ۾ شامل ڪجهه ماڻهو عورتن کي آهستي ڳالهائڻ ۽ خاموش رهڻ لاءِ چوندا رهيا
ڏوڪري ۾ اسپتال ۽ رليف ڪئمپ جي دوري دوران وڏي وزير اڳيان ٻوڏ متاثرن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، علاج جي اڻهوند ۽ امدادي سامان نه ملڻ خلاف دانهون ڪيون ويون

ھي به پڙھندا

وڏي وزير جي دوري دوران عورتن جو احتجاج: متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: وڏو وزير

ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ چمڙي جي بيماري، گئسٽرو ۽ مليريا سوڌو ٻين وبائن جا راڱا جاري

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي نيڪال ۽ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف  مظاهرا