اسلام آباد: اڳوڻي ايم اين اي ۽ سينيئر صحافي اياز امير جي ننهن جي قتل جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا

خانداني ذريعن موجب سارا گذريل ڏينهن دبئي مان پاڪستان پهتي هئي، اڄ چڪ شهزاد فارم هائوس جي گهر مان سندس لاش هٿ آيو

 پوليس قتل جي الزام هيٺ اياز امير جي پٽ شاهنواز کي گرفتار ڪري ورتو، مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

 مقتوله سارا دبئي ۾ ملازمت ڪندي هئي، سوشل ميڊيا تي رابطي کانپوءِ سارا ۽ شاهنواز 3 مهينا اڳ شادي ڪئي هئي

اياز امير چيو آهي ته خدا نه ڪري جو اهڙو سانحو ٻئي ڪنهن سان ٿئي، قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي