گمبٽ ۾ ناري سميت قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

0
127
گمبٽ ۾ ناري سميت قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو
گمبٽ ۾ ناري سميت قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

گمبٽ جي ڳوٺ بادل ۾ گذريل ڏينهن ناري سميت قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو قومي شاهراهه تي صبح 10 وڳي کان ڌرڻو شروع ڪيو ويو جيڪو هاڻ ختم ڪيو ويو آهي

مظاهرين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن بااثرن بيگناهه ذوالفقار کهڙو کي قتل ڪيو، اي ايس پي سان ڳالهين دوران ڪيس ختم ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، جڏهن ته اعليٰ اختيارين پاران ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي

جڏهن ته  ڌرڻي واري هنڌ مقتول ناري زينت شنڀاڻي جي امڙ ۽ ڀاءُ به پهتا، مقتولا جي امڙ دانهيو ته برادري جي بااثرن زمين جي تڪرار تان ذوالفقار کهڙو کي قتل ڪرڻ بعد ناري زينت کي به گوليون هڻي قتل ڪيو

قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدار بااثر آهن، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ويجهو نوجوان جي قتل بعد ناري کي مارڻ جا به اطلاع