عالمي ڏينهن تي پورهيتن پچار

0
136
عالمي ڏينهن تي پورهيتن پچار

اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اڄوڪي ڏينهن تي پورهيتن جي حق ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، پنج ستارا هوٽلن جي ٿڌن هالن ۾ منعقد ٿيندڙ سيمينارن ۾، جبري مشقت جهڙو پورهيو ڪندڙ صنعتي مزدورن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويندو. فوٽو سيشن ڏيندا. دنيا کي روشن خيال ۽ لبرل هجڻ جو تاثر ڏنو ويندو. مزدورن کي حق ڏيڻ ۽ ليبر قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ جوشِ خطابت جا جوهر ڏيکاريا ويندا. پاڪيٽ ليبر يونينن جا اڳواڻ پورهيتن جي هيڻن حالن تي واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندا. حڪومتي وزير، مشير ۽ سرڪاري اهلڪار اڄوڪي ڏينهن تي لفظن جي فضول خرچي ڪندي نظر ايندا. پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد جو لفظي ورجاءُ ڪيو ويندو ۽ اڄوڪو ڏينهن ختم ٿيندي اهي سمورا واعدا ۽ وچن ويسر جي ڊسٽ بِن ۾ هليا ويندا.

ڪنهن به ملڪ جو صنعتي انفراسٽرڪچر روزگار مهيا ڪرڻ جو وڌ ۾ وڌ ذريعو هوندو آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ حالت اها آهي، جو نئون صنعتي انفراسٽرڪچر حڪمرانن جي ترجيح نه رهي آهي. جيڪي صنعتون آهن، اهي به بند پيون ٿين يا ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل پيون ٿين. ٻارڻ مهانگو ۽ سيڪيورٽي جي مسئلن سبب ٻاهريون سيڙپڪار هتي اچڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ملڪي صنعتڪار صنعتون لڳائڻ بدران پنهنجي موڙي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙائڻ کي اهميت ڏئي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ پورهيت وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهن. جيڪي صنعتون آهن، انهن ۾ به پورهيتن جي نوڪرين کي ڪو به تحفظ ڪونهي. صنعتن ۾ ٺيڪيداري سسٽم هلي ٿو، جنهن سبب پورهيتن کي ڪي به حق حاصل نه آهن. صنعتن ۾ هلندڙ چائلڊ ليبر تي ليبر کاتي اکيون پوري ڇڏيون آهن. ليبر کاتي طرفان ادا ٿيندڙ ڪردار کي ڏسي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته، ڄڻ حڪومت طرفان اهو کاتو صنعتڪارن، مل مالڪن جي “بهبود” لاءِ ئي قائم ڪيو ويو هجي! عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻجي پلجندڙ ان کاتي جي نا اهل نفري پورهيتن جي حقن لاءِ ڪيئن ٿي ڪم ڪري سگهي، جتي ڪنهن مل ۾ ڪا يونين رجسٽر ٿيڻ کان اڳ ئي ليبر کاتي مان مل مالڪن کي اطلاع مليو وڃي ۽ انهن پورهيتن لاءِ گيٽ بند ٿيو وڃي، انهن تي تشدد ڪرائي مل مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي يا وري اهڙا پورهيت پوليس هٿان کنڀجي وڃن ٿا. ليبر کاتو پنهنجي قائم ٿيڻ جو جواز ئي وڃائي ويٺو آهي. اهو اسان ان ڪري ٿا چئون ته، جڏهن ڪو کاتو پنهنجي ٽاسڪ ۽ متعين فرضن ۾ ڪوتاهي ڪري ته بهتر انتظامي اپائن ذريعي ان جي ڪارڪردگي سڌرڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي پر ڪو سرڪاري کاتو پنهنجي قائم ٿيڻ واري مقصد جي ئي ابتڙ ڪم ڪرڻ لڳي ته، ان مان بهتريءَ جي اميد ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟

هڪ طرف اهو باور ڪرايو وڃي ٿو ته، پورهيت خدا جو دوست (الڪاسب حبيب الله) آهي، پر ٻئي طرف ‘خدا جي انهن دوستن’ جي ڪهڙي حالت ڪئي وڃي ٿي، اهو سوچيندي ئي ڪنبڻي وٺيو وڃي. ٺيڪيداري سسٽم تحت ڪم ڪندڙ پورهيت ته هر حق کان محروم آهن پر جيڪي پڪا ملازم آهن، انهن سان به ظلم جي اها حالت آهي، جو پورهيت مِلن جو چمنيون ٻاريندي ان ‘دوزخ’ ۾ ڪري حياتين کان محروم ٿيو وڃن، پر انهن جي پوئنيرن کي ليبر قانونن مطابق معاوضو نٿو ملي. ڪم ڪندي مشينن ۾ هٿ پير ڪٽجي ٿا وڃن ۽ پورهيت سڄي عمر معذوريءَ ۾ ٿا گذارين، پر صنعتڪارن طرفان انهن جو ليبر قانونن تحت نه علاج ڪرايو وڃي ٿو ۽ نه ئي معاوضو ٿو ملي. ان ڪري اڄوڪي ڏينهن تي صرف “لِپ سروس” جي بدران پورهيتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ليبر قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ليبر ڪورٽن تائين پورهيتن جي رسائيءَ کي آسان بڻايو وڃي.