ڪنڌڪوٽ ويجهو نوجوان جي قتل بعد ناري کي مارڻ جا به اطلاع

0
257
سجاول جوڻيجو ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿان ناري قتل
سجاول جوڻيجو ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿان ناري قتل

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ويجهو قتل ٿيل نوجوان بعد ناري کي مارڻ جا به اطلاع مليا آهن، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  ۾ نوجوان جي قتل بعد ناري کي مارڻ جا به اطلاع آهن، ان سلسلي ۾ پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته سبزوئي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ ديدار خان کوسو واسي تراب علي کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪيو، جوابدارن ناري کي به قتل ڪيو آهي، پر  ان جو لاش ناهي ملي سگهيو

جوابدار گهر خالي ڪري  فرار ٿي ويا آهن، معاملي جي جاچ  ڪري رهيا آهيون، جوابدارن ناري کي قتل ڪرڻ کان اڳ نوجوان تراب علي کوسو کي پڻ قتل ڪيو هو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل