جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد مان 2 پوليس اهلڪار اغوا

0
282

جيڪب آباد:جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد مان 2 پوليس اهلڪار اغوا ٿي ويا، ڌاڙيلن پوليس اهلڪارن شمس الدين کوسو ۽ نور نبي ڀٽي کي اغوا ڪرڻ بعد مٿن تشدد ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي

ڌاڙيل مٺو شاهه جو چوڻ آهي ته بلوچستان واسي فرقان کي اسان اغوا نه ڪيو آهي، پوليس اسان جي عورتن کي بي گناهه کنڀي وئي آهي

ايس ايس پي جيڪب آباد  ٻنهي اهلڪارن جي اغوا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهلڪارن کي خالد نواز چوڪي تان اغوا ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

ڪچي ۾ 40 سالن جو گند آهي جنهن کي صاف ڪرڻ ۾ وقت لڳندو: آءِ جي سنڌ