ڪچي ۾ 40 سالن جو گند آهي جنهن کي صاف ڪرڻ ۾ وقت لڳندو: آءِ جي سنڌ

0
293

نئون ديرو: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ کانسواءِ ٻين شهرن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي

آءِ جي سنڌ نئون ديرو ۾ شهيد اهلڪار ڪشور ڪمار جي وارثن سان تعزيت ڪئي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ  نئون ديرو پهتو

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شهيد اهلڪار ڪشور ڪمار جي وارثن سان تعزيت ڪئي، آءِ جي سنڌ گهوٽڪي جي ڪچي ۾  شهيد ٿيل اهلڪار ڪشور ڪمار جي والد سوڍو مل اوڏ ۽ ٻين سان ڏک ونڊيو

ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته شهيد اسان جو سرمايو آهن،  سندن خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي  ويندي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي

غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن امان  جا مسئلا آهن، مغوين جي بازيابي لاءِ  قدم کنيا پيا وڃن، پوليس جو مورال بلند آهي، ڪچي ۾  40 سالن جو گند آهي جنهن کي صاف  ڪرڻ ۾ وقت لڳندو

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته 3مهينن دوران 18ڌاڙيل مارجي چڪا،  40زخمين سميت 200 کان وڌيڪ  کي گرفتار ڪيو ويو، شهيد پوليس اهلڪارن جي خون سان انصاف ضرور ٿيندو، ڏوهارين کي بخش نه ڪنداسين

هي به پڙهندا

ڪچي ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ