اسلام آباد / سيالڪوٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومتي وزيرن چيو آهي ته عام چونڊون آڪٽوبر ۾ ئي ٿينديون، عمران خان ڪجهه به ڪري اسان هي بجيٽ پيش ڪنداسين. پي ٽي آءِ وارن کي جلسن ۽ ڌرڻن جو شوق آهي ته جلدي ڪري ته جيئن ڳالهين مان اسان جي جند آجي ٿئي. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته عام چونڊون آڪٽوبر ۾ ئي ٿينديون، عمران خان جون ڌمڪيون ڳالهين تي اثرانداز نه ٿينديون. هن چيو ته عمران خان هڪ هفتي ۾ 7 بيان بدلائيندو آهي ته سندس حڪومت ڪنهن ٽوڙي. وزيراعظم چئي چڪو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پرو ڪندي. عمران کي جيڪو وڻي سو ڪري، اسين بجيٽ پيش ڪنداسين. هن چيوته اسان پنهنجي ذميواري کان آگاهه آهيون، چڱي طرح نڀائينداسين. بجيٽ جا ذميوار اسين آهيون، بجيٽ ۾ حڪومت جا خرچ گھٽائينداسين ۽ موجوده حالتن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته غريب ترين پاڪستانين کي رليف ڏنو ويندو، گيس ۽ بجلي تي اڳ ئي رليف موجود آهي. اسان جي ڪوشش اهائي آهي ته غريب ماڻهن تي گھٽ ٻوجهه وڌو وڃي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪو رليف 13 مهينن ۾ ڏنو آهي اهو بجيٽ ۾ به جاري رکنداسين.  خرم دستگير موجب عمران خان سپريم ڪورٽ جون ڌمڪيون نه ڏئي، سپريم ڪورٽ جون ڌمڪيون ڏيڻ بدران سپريم ڪورٽ کي ڪم ڪرڻ ڏئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي اندر اتحاد پيدا ڪري ۽ هڪ آواز ٿي فيصلا ڪري.  ٻئي پاسي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان ڳالهين جي لاءِ چوڏهن مئي کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جو شرط رکيو آهي. هن ان موقعي تي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين واري عمل تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  خواجا آصف چيو ته عمران خان ٽن شهرن ۾ جلسا ڪرڻ جو بيان ڏنو آهي، آئون چوان ٿو ته خان صاحب جلدي ۾ جلسا شروع ڪري ته جيئن ڳالهين مان اسان جي جند ڇُٽي. بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان جو جيڪو به شوق آهي پورو ڪري ته جيئن کيس سڀاڻي ڪو وهم نه بچي ته هن هيئن نه ڪيو، هونئن نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ اسان ته رڳو دليل ئي ڏئي سگهون ٿا. انکان فواد چوڌري به خبردار ڪيو هو ته ڳالهيون ناڪام ٿيون ته عوام وڏي تحريڪ جي لاءِ شروع ٿي وڃي.

اسلام آباد / لاهور /  ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين جي ڪاميابي چاهي ٿي، پر ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، عوام هڪ وڏي تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار رهي، پنهنجي ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته آئين جي رديءَ جو ٽڪڙو ۽ عوام کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجهيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف خاموش رهي، تحريڪ جي شروعات اڄ لاهور، پشاور ۽ اسلام آباد مان ريلين ذريعي ٿي رهي آهي، هوڏانهن  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڄ ليبرٽي مارڪيٽ کان ناصر باغ تائين پنڌ مارچ جي قيادت ڪندس. پشاور مان پرويز خٽڪ ريلي جي اڳواڻي ڪندو راولپنڊي ۾ شاهه محمود ۽ اسد عمرجي اڳواڻي ۾ ر يلي نڪرندي. لاهور ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پوري قوم سپريم ڪورٽ ۽ آئين سان گڏ بيٺيل آهي. نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ ئي نٿي چاهي. هن چيو ته اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو. گھڻن ملڪن ۾ اي وي ايم استعمال ٿيندا آهن. اقتدار ۾ ايندي ئي اسان اي وي ايم سسٽم لڳايو.  اسان صحت ڪارڊ ڏنا،جنهن سان سمورا ماڻهو علاج ڪرائي رهيا هئا پر اهو صحت ڪارڊ به بند ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته آئين کي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته حڪومت پاران ڳالهين ۾ نيڪ نيتي نظر نه پئي اچي. حڪومت ڳالهين ۾ سجينده ناهي، ڳالهين لاءِ اڱاري جو ڏينهن آخري موقعو هوندو.  پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ان بيانيي تي اليڪشن ۾ وينداسين جنهن تي سال کان چونڊ کٽي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو هو اهو اسان ڪيون پيا. پرويز الاهي جي گھر تي حملو ڪيو ويو، عل يامين گنڊاپور تي تشدد ٿي رهيو آهي. حڪومت پاران ڳالهين ۾ نيڪ نيتي نظر نه پئي اچي.   ذاتي مفادن جي ڪري ملڪ خطري ۾ پئجي رهيو آهي. هن چيو ته جيستائين اهڙو معاهدو نه ٿئي جنهن تي سڀني کي اتفاق هجي تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگھندو. اڱاري واريون ڳالهيون آخري موقعو هوندو.  ياد رهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڱاري ڏينهن ٿيندو، حڪومت پاران پي ٽي آءِ جي پهرين اسيمبلي ٽوڙڻ واري شرط بابت جواب ڏنو ويندو.