گمبٽ ڀرسان پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، جيجل کي بيهوشي جا دورا

0
307

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ محمد رمضان آرائين مان ٻه ڏينهن گم ٿيل ڏهين ڪلاس جو شاگرد صفدر علي ڪلاسي هٿ نه اچي سگهيو، نينگر جي گم ٿيڻ سبب امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن ۽ گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد هلندڙ آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻه ڏينهن اڳ نينگر صبح جو سوير گهران نڪتو آهي ته واپس ناهي موٽيو, مٽن مائٽن وٽ ڪافي ڳولها بعد ناهي ملي سگهيو. اڳڙا ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آه نوجوان جي ڳولها ۾ مدد ڪري پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي.