سوال/سروي پي ٽي آءِ ڪهڙا ڪارناما ڪيا آهن جو سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندي، پ پ جو متبادل ناهي: عوام

0
393

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي وزيرن چيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ کي آخري موقعو آهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي: وفاقي وزيرن جي اهڙي بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ وري مرڪزي ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن جو انهن کي سنڌ ۾ حڪومت ملندي، پ پ مان عوام بيزار آهي، متبادل ناهي، ماضي ۾ به گهڻا اتحاد ٺهيا پ پ تي فرق نه پيو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عمر پنهور لکيو ته پ پ جي سنڌ ۾ حڪومت وڏڙن کان رهي آهي، خان آزاد لکيو ته سنڌ ۾ لڳي ٿو جي ڊي اي وارا پي ٽي آءِ جوائن ڪندا، آفتاب لغاري لکيو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه ڪري ھا ته پوءِ ڪا اميد رکي سگهجي ھا، ذوالفقار شر لکيو ته ڪشميري ھميشه مرڪزي حڪومت جي پاسي ھوندا آھن باقي پي ٽي آئي جو اھڙو ڪھڙو ڪارنامو آهي سنڌ ۾ جو پي پي پي کي ھارائندي. ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ماضي ۾ به وڏا اتحاد ٺهيا هئا پ پ خلاف پر پ پ کي ڪوئي فرق به نه پيو هو، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ ۾ سنڌ وارا ڀلي ڏکيا هجن پر ووٽ پ پ کي ڏيندا، گلشن چانڊيو لکيو ته پيپلزپارٽي جي به سنڌ ۾ چڱي ساک ڪونهي پر تحريڪ انصاف جيڪا مرڪز ۾ آهي انهي پارٽي جيڪا هام هنئي ته نئون پاڪستان ٺاهينداسين ۽ ملڪ مان غربت ، بيرزگاري ۽ مهانگائي گهٽائينداسين جنهن ۾ حڪومت بلڪل ناڪام آهي، گل حسن شر لکيو ته پي ٽي آءِ وري ڪهڙا ڪارناما ڪيا آهن جو سنڌ ۾ هنن جي حڪومت هوندي، پي ٽي آءِ ڪي پي ۾ به حڪومت نه ٺاهي سگهندي، منيش واسو لکيو ته جيستائين بينظير انڪم سپورٽ وارا پئسا ملن پيا ته پ پ وري کٽندي، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ ٻئي پنهنجي ساک وڃائي چڪيون آهن، صالح نوحاڻي لکيو ته ڌڻي اگر اھڙو فيصلو ڪندا ته ڪير روڪيندو، سيف الله مهر لکيو ته پي ٽي آءِ پهريان مرڪز ۾ پنهنجي حڪومت بچائي، امداد علي لکيو ته پ پ سنڌ جو جيڪو حال ڪيو آهي ان جي سزا ملندي، اياز چانڊيو لکيو ته هونئن ته پيپلز پارٽي سنڌ اندر ڌڙابندي جو شڪار آھي عمران جي سنڌ ۾ دلچسپي گهٽ آھي، امير محسن لکيو ته هڪ مسئلو ختم ئي نٿو ٿئي ٻيو شروع ٿئي ٿو، جانب ڪٽوهر لکيو ته اهو ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي، منير احمد، عثمان پنهور، شفقت علي راڄپر، عبدالنبي شر، عبدالرحمان چانگ، ديالداس کاهواڻي، علم الدين رند، بابر علي، اعجاز شيخ به سروي ۾ حصو ورتو، سردار بخش ميمڻ لکيو ته ايندڙ وزيراعظم پ پ جو آهي، بشير ميراڻي لکيو ته جنهن کي اسٽبلشمينٽ چاهي، حڪومت ان ڌر جي هوندي. پريم سنڌي لکيو ته صوبائي حڪومت بدلي ٿيڻ گهرجي، محمد حفيظ روشن لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٿي سگهي ٿي، لڇمڻ سنگهه لکيو ته چوڻ جو مطلب اهو آھي ڪهڙي به پارٽي ڪامياب ٿي پر عوام جو حال اهو ئي رهندو، عباس علي ملاح لکيو ته سنڌي قوم تي ڀٽي جو قرض آهي، امير حسن، مظهر سولنگي، تنوير، عامر هڱورو، انجنيئر احمد علي ٻرڙو، راشد عباس به راءِ جو اظهار ڪيو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته سنڌ ۾ پ پ جي متبادل ڪا به پارٽي ڪونهي، عرفان کوسو لکيو ته سوال ئي پيدا ناھي ڪنھن ٻي جي حڪومت اچي. علي حيدر ميرجت لکيو ته سنڌي عوام کي پ پ فقير ڪري ڇڏيو، لياقت نوحاڻي لکيو ته لڳي ٿو هاڻي گهڻو ٿيو پي پي پي کي تيرهن سال سنڌين ووٽ ڏئي اقتدار تي ويهاريو پر ڪم ٽڪي جو ڪونه ٿيو، انجنيئر قاضي ڪرم الله ساند لکيو ته اسٽبلشميٽ جنهن کي چاهي حڪومت ڏياري سگهي ٿي، سليم اختر لکيو ته اھو سچ آهي ته پي پي جي حڪومت ناڪام وئي آهي، غلام رسول راهمون، توقير سومرو، امتياز عيسيٰ هاليپوٽو، عامر چنا، محمد حسين، لال محمد رند، رياض بوزدار، شنڪر باغي، رضوان ملاح، آسن داس لڇواڻي، هادي بخش کوسو، احمد خليل سومرو، محمد قاسم ڪوريجو، آصف علي، اسلم سومرو، سردار ايم اي لنجو، مير ذوالفقار چانڊيو، مزمل بلوچ، موهن لال، گدا حسين سومرو، خادم سومرو، محمد پريل عباسي، نعمت الله بجير، مهراڻ کوسو، خالد حسين خاصخيلي، معشوق بلوچ، ساجد ڦلپوٽو، درمحمد بلوچ، سجاد علي ڪٻر، گلشير اوڏ، صدام حسين بوزدار، نورالدين مسرور، صوفي اياز، يوسف رئيساڻي، ذوالفقار علي شر، ساگر علي رضا، بجار خان جعفري، اعجاز علي اعجاز، عصمت الله رند، شاهجهان ٻٻر، صاحب خان ڪلمتي، نذير نهڙي، عبدالحفيظ ويسر، الهيار خان رند، علي حيدر ميرجت، علجي کيمناڻي، علي حيدر ميرجت، ظهور احمد،عمارا خاصخيلي، ابراهيم، محمد حفيظ سومرو، مير زبير، حبيب الله جمالي، نياز حسين، عبدالغني کوسو، ابراهيم خليل، علي مراد، ارباب زادو سولنگي، غلام رضا راڄپر، وحيد شر ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.