قمبر (رپورٽ: حميد گوپانگ) قمبر ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ سوين آبادگارن هٿن ۾ سارين جو سڪل ٻيجارو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري قمبر لاڙڪاڻو باءِ پاس ۽ ڊي سي آفيس جي مک گيٽ اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي محمد علي هڪڙو، حافظ عزير جاگيراڻي، مظفر بروهي، غيبي مغيري ۽ ٻين چيو ته قمبر ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي، جنهن سبب 80 سيڪڙو ساريالي فصل جي پوکائي ناهي ٿي سگهي، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب ساريالي فصل جو پوکيل ٻيجارو به سڙي رهيو آھي، هنن الزام هنيو ته پاڻي چوري ۾ هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ بااثر ملوث آھن، جن خلاف حڪومت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي. هوڏانهن اسسٽنٽ چيف انجنيئر وارهه بئراج محمد علي زرداري ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر قمر رضا بلوچ آبادگار اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن دوران آبادگارن ٻنهي ڄڻن کي پاڻي چوري شڪايتون ڪيون ۽ ضلعي جي مختلف شاخن ۾ لڳل غير قانوني لول، ڪٽ ۽ لفٽ مشينن بابت نشاندهي ڪئي. ان حوالي سان ڊي سي سمورين شاخن تي ٻن ڏينهن اندر رينجرز مقرر ڪرڻ ۽ پاڻي چوري ۾ ملوث آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.