وارهه (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ اندر زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آھي، سنڌو درياهه جي پاڻي تي پنجاب ۽ ارسا قابض ٿيل آهن، جنهن ڪري سنڌ ڀوڳي رهي آهي. هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڻي کوٽ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي پر چونڊيل نمائندا ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، هن چيو ته تعلقي اندر بااثر ماڻھن جا سم شاخن مان واٽر ڪورس نڪتل آھن، جن کي فوري طور ختم ڪرايو وڃي. هن چيو ته افغاني لوڌ وفاقي سرڪار جي مرضي سان اچي رھي آھي، سنڌ حڪومت جي مجرماني خاموشي سبب سنڌ کي وڌيڪ ڌاري آبادڪاري کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.