سوئي گيس (ن پ ا )سدا رنگ واھ جي پڇڙيءَ ۾پاڻي نه پھچڻ خلاف آبادگارن پاران 39 ڏينهن جي ڌرڻن ۽ مظاهرن رنگ لاتو. آبپاشي عملدارن سدا رنگ واھ تي لڳل غير قانوني پائيپ ۽ نول پٽي واٽر ڪورسن ۾ ماپ موجب نول ۽ پائيپ لڳائڻ وارو ڪم شروع ڪري ڇڏي آهي، آبادگارن پاران خوشيءَ ۾ ريليءَ ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايس ڊي او آبپاشي ٺري ميرواھ علي نواز ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته مُونکي ٺري ميرواھ ۾ مقرر ٿئي کي هڪ ھفتو ٿيو آھي ھن چيو ته پاڻي چوري ڪندڙن خلاف جلد ڪارروائي ڪري انھن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويندا ڪنھن سان به زيادتي برداشت نه ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته واھ تي هر هڪ واٽر ڪورس تي پاڻي پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي ٻئي طرف آبادگارن سدا رنگ واھ جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان پراڻو مسئلو حل ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي آبادگارن لالڻ سنڌي ، محمد جُڙيل ، رحيم ڏنو ، ممتاز علي ويسر ، بشير احمد ، سجاد علي ، عنصر علي ويسر ۽ ٻين اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان جو پراڻو مطالبو پورو ٿيڻ تي اسان تمام گھڻو خوش آهيون ۽ اسان سدا رنگ واھ کان سوئي گيس پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍنداسين.