ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ۾ ايس ايچ او جي خانگي گارڊن شهر ۾ وڏي علم چوڪ وٽ چڙهائي ڪري مانڊڻيون هلائيندڙ ٻن نوجوانن امير علي ڪنڀر ۽ فرحان ڪلر کي نشي آور سوپاريون هلائڻ جي الزام ۾ کنڀي لاڪپ ڪري ڇڏيو، پوليس کي نوجوانن جي وارثن کين آزاد ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون پر پوليس ٻنهي نوجوانن خلاف 3 سئو نشي آور سوپاريون رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڳڙهي ياسين عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان عدالت ٻنهي نوجوانن کي شڪارپور جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.