ڀريا روڊ (ن پ ا) ڀريا تعلقي جي ڳوٺ مياڻي ملاح جي ستين ڪلاس جي شاگردياڻي نازيا ڌيءُ حق نواز ملاح کي اسڪول ايندي ويندي اوباش نوجوان پاران حراسان ڪرڻ ۽ سندس تعليم متاثر ڪرڻ خلاف پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي، سول سوسائٽي، شھرين ۽ سوين ڳوٺاڻن پاران متاثر نياڻي جي والد حق نواز ملاح، پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائيٽي جي ضلعي صدر عبدالله ملاح، ايڊووڪيٽ نظير احمد ڪيريو، علي رضا سولنگي، راڻاصدر دين راجپوت، غريب نواز ملاح، نديم ملاح، شمس الدين چانڊيو، يوسف گھانگهرو، محبوب علي بھڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مين چوڪ کان ڀرياروڊ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته ستين ڪلاس جي معصوم نياڻي نازيه ڌيءُ حق نواز ملاح کي اسڪول ويندي ۽ ايندي رستي ۾ رڪشا تي اوباش نوجوان صفر ملاح پٽ غلام محمد ملاح هراسان ڪندي تنگ ڪري ٿو جنھن سبب معصوم نياڻي خوف وچان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ نياڻي سخت خوف ۽ حراس ۾ ورتل آھي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته هراسمينٽ جو شڪار ٿيل معصوم نياڻي ۽ سندس وارثن کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪري اوباش نوجوان ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.