دادو/مٽياري/ڀان/ جوهي/ميهڙ/گاجي کهاوڙ( نمائندن وٽان) گاجي کهاوڙ جي اولهه طرف کان رنگ بند ٽٽڻ ڪري شهر ٻڏي ويو آھي، شهر جا چنا محلا، کهاوڙ محلا، سيد محلا، لاشاري محلا، چانڊيا محلا، سومرا محلا، گوپانگ محلا، بشارتي ۽ رانجهاڻي محلا، شهر جي مين بازار ۽ ٻيا محلا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن شهر ۾ 5 کان 8 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آھي

سرڪاري عمارتون سرڪاري اسپتال، سرڪاري بوائز هاءِ اسڪول پرائمري اسڪول، گرلس اسڪول ۽ گاجي ٽائون آفيس ۽ گاجي کهاوڙ جي اولهه طرف کان 200سالا قديمي اڇي مسجد سميت مڪمل شهر ٻڏي ويو آھي، گاجي کهاوڙ ۾ ٻوڏ کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا  پر ريسڪيو ٽيمون نه پهتيون ۽ سرڪاري ٻيڙيون نه پهتيون آھن، جنهن ڪري هزارين ماڻهو مرد عوتون ۽ ننڍا ٻار ڦاٿل آھن منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح ۾ واڌ بعد پاڻي جي سطح 123 آر ايل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند کان ڪاڇي ۽ جوهي وارو پاڻي به منڇر ۾ تيزيءَ سان ڇوڙ ٿي رهيو آهي

گاجي کهاوڙ شهر کي ٻوڙيندڙ پاڻي نصيرآباد جي حدن ۾ داخل

منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 62 بوبڪ بند تي صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، آر ڊي 62 وٽان دانستر واهه جا دروازا اوور ٽاپ ٿي ويا آهن جنهن سبب  پاڻي اوور ٽاپ ٿي دانستر واهه ۾ داخل ٿي رهيو هو، دانستر واهه جي دروازن تي پاڻي جو سخت دٻاءُ برقرار آهي، منڇر جي پاڻي ۾ چاڙهه سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي

ڪيترن ئي ڳوٺن جي رهواسين پاران گهر خالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باجارا ۽ جهانگارا پاڻي 2 کان 3 فوٽن تائين  ٿي ويو آهي، باجارا جي ڳوٺ پيرببرشير، خيرمحمد رند، ڪڇي ڳوٺ، لاکا ڳوٺ، ڳوٺ رند، ڳوٺ اوٺآ، ڳوٺ ٺيڙهي، ملاح ڪالوني باجارا سميت ٻيا علائقا مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، منڇر ۾ چاڙھ سبب پاڻي ڪاڇي طرف واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي

May be an image of body of water and brick wall

يوسي شاھ حسن هيڊڪوارٽر ،يوسي ڇني هيڊڪوارٽر ،ڳوٺ ڪيچي شاھاڻي ،ڳوٺ پيرلاکيو، ڳوٺ بجار شاهاڻي ،ڳوٺ ابراهيم شآهاڻي، ڳوٺ چاڪر خان شاھاڻي،  ڳوٺ پنهون جي ٽڪري سميت  50 کان مٿي  ڳوٺن م منڇر جو پاڻي ڪاهي پيو، ڳوٺن ۾ لڏپلاڻ جاري آهي

آبپاشي کاتي جي ايگزيڪٽو انجنيئر مهيش ڪمار چيو آهي ته منڇر ڍنڍ ۾ ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند کان پاڻي جو وڏو وهڪرو داخل ٿئي پيو جنهن بعد منڇر جي پاڻي ۾ چاڙهه ٿي آهي، منڇر مان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياءُ ۾ نيڪال ڪيو پيو وڃي، درياءُ جي سطح هيٺ هجڻ سبب منڇر جو پاڻي درياءُ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو، هن چيوته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر جيڪڏهن درياءُ جي پاڻي ۾ لاٿ ٿئي ٿي ته پوءِ صورتحال ڪنٽرول هيٺ اچي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريدالدين مصطفي عوام کي گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. هن چيو ته منڇر ڍنڍ جي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي

تيز هوا سبب پاڻي ۾ ڇوليون لڳي رهيون آهن۔ تيز هوا سبب آر ڊي 54 کان آر ڊي 58 تائين منڇر ڍنڍ جي بند تي سخت دٻاءُ آهي. ڊي سي ڄامشورو موجب عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿئي، ۽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. يونين ڪائونسل بوبڪ، جعفرآباد، آراضي، واهڙ ۽ چنا جي عوام محفوظ هنڌن تي منتقل ٿئي

ڊي سي وڌيڪ چيو ته منڇر ڍنڍ جي بند تي پاڻي جو دٻاءُ آهي، ڪنهن به وقت بند ٽٽي سگهي ٿو.  ٻئي طرف گاجي کھاوڙ ۾ پهتل پاڻي تيزي سان ميھڙ انڊس ھاءِ وي سان ٽڪرائجي ويو آهي جنھن سبب ميھڙ انڊس ھاءِ وي ميھڙ کان لاڙڪاڻو ويندڙ روڊ جو ھڪ پاسو ٽرانسپورٽ لاءِ بند ٿي ويو هوڏانهن ميھڙ رنگ بند کي 7 ڪلو ميٽر مان وڌائي 14  ڪلو ميٽر تائين ڪرايو ويو آهي، پاڻي ميھڙ سنڌي ٻٽڙا روڊ کان وٺي ميھڙ لاڙڪاڻو روڊ راڄواهه جي موري تائين 35 ڪلو ميٽر تائين گھيري ورتو آھي

جڏهن ته رنگ بند کي اٽڪ پمپ ، ڀٽي روڊ ۽ انڊس ھاءِ وي تي سٽي ھوٽل ڀرسان سخت دٻاءُ ھجڻ سبب 4 ھنڌن کان روڻيون پئجي ويون موجود شھرين بروقت بند ڪري ورتيون ٻوڏ جي پاڻي ۾ واڌ کان پوءِ قاضي عارف  ۽ ڪولاچي شهرن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو جڏهن ته ميھڙ گاجي کھاوڙ، ميھڙ منگواڻي ۽ ميھڙ گھاڙي لنڪ روڊ به مڪمل پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن جنھن سبب سوين ڳوٺن جو رابطو ميھڙ شھر سان ڪٽجي ويو آھي. جوهي ۾ پڻ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، شھري بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيا آهن، خيرپورناٿن شاھ ۾ ٻوڏ جو پاڻي گهٽجڻ بجاءِ هر روز وڌي رهيو آهي، حضرت سيد جڙيل شاھ جيلاني جو درگاھ ۽ قبرستان به ٻڏي ويو

May be an image of body of water

شهر جي شهباز ڪالوني، رحمت الله ڪالوني، ميرخان ٻٻر، يقين شاھ محلا، گوليمار ڪالوني، مدينا ڪالوني، ٻگهيا محلا، نيو آباد ڪالوني، جروار ڪالوني، ڪريمداد لنڊ ڪالوني، سومرا محلا، ڪورائي محلا، ٻورڙي روڊ، مير حسن روڊ، جوکيا محلا، سميت 20 کان وڌيڪ ڪالونين محلن پاڙن ۾ 5/6 پاڻي بيٺل آهي پاڻي بيهڻ ڪري ڪيترائي ڪچا پڪا گهر ڊهڻ شروع ٿي ويا آهن. ٻئي طرف  مٽياري ۾ ڇنڊڻ موري جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، گيٽ ٽٽڻ، گهارا پوڻ ۽ روڻيون لڳڻ کانپوءِ ڀت ڪري پئي، جنهن سبب مٽياري شھر ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي پهچي ويو. ڀنڀرا موري وٽان ڇنڊڻ موري جي ڀت ڪرڻ بعد ڪيترا ئي ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا آهن

ڇنڊڻ موري جي حالت نازڪ ٿي وئي آهي. ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مٽياري ۾ به عوام ۾ خوف پکڙجي ويوآهي. هوڏانهن ايل بي او ڊي ۾ چاڙهه سبب هاڪڙي ڍوري جو پاڻي نئون ڪوٽ شهر ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن سبب گرڊ اسٽيشن، هريجن ڪالوني ۽ سنتورم فارم سوڌو مختلف علائقن کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته  تعلقي جا ڪيترائي ڳوٺ پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا، شهرين طرفان پاڻي کي لنگهه ڏئي هاڪڙي ڍوري تان دٻاءُ گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي،  چاڙهه سبب نئون ڪوٽ جي مُکيه پُل ٻن هفتن کان پاڻي هيٺ آيل آهي جڏهن ته جهڏو ۾ پراڻ ڍوري کي لڳل گهاري جي پاڻي سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن.

 ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کانپوءِ لطيف آباد تعلقي ۾ ڊائون اسٽريم اندر ڪچي واري علائقي ۾ قائم هڪ درجن کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن جنهن ڪري هزارين ماڻهن بچاءُ بند وٽ پهچي خيما ۽ ڇپرا ٺاهي پناهه وٺي ڇڏي آهي. يونٽ نمبر 10 ۾ بچاءُ بند ڀرسان درياهه جي پيٽ ۾ قائم ڳوٺ حاجي خان لغاري، دڙي مياڻ، ناهيچاڻي، بچل لغاري، ڌنو پٽيل ۽ فضل لغاري سميت ٻين ڳوٺن جي رهواسين کي انتظاميا پاران اڳواٽ متبادل هنڌ تي وڃڻ لاءِ نوٽيس جاري نه ڪيا ويا هئا جنهن ڪري اوچتو سنڌو جو پاڻي اچڻ بعد سندن گهرن ۾ پيل ڪيترو ئي سامان خراب ٿي ويو آهيمٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرارجڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ رهواسين پاران پوکيل فصل به پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن.  ٻئي طرف ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ واري 5 لک 32 هزار ڪيوسڪ کان مٿي وهڪري ٺٽي ضلعي جي سموري ڪچي واري علائقي کي ٻوڙي ضلعي جي بن تعلقن ٺٽو جي 7 يونين ڪائونسلن ٽنڊو حافظ شاھ ، صوف شورو ، جھرڪ ، فقير جو ڳوٺ ، جوڻا ، ٻجورا ۽ ڏوماڻي جڏهن ته تعلقي گھوڙاٻاري جي يونين ڪائونسلن گليل ،.ٽائون ڪاميٽي گھوڙاٻاري ، انڊو ۽ گرنار سميت 12 يونين ڪائونسلن جي ڪچي جي وڌيڪ 100 کان مٿي ڳوٺن کي مڪمل طور تي پاڻي هيٺ آڻي هتان جي سوين خاندانن کي مٿانهين وارن هنڌن تي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي

هوڏانهن سنڌوءَ جي ونڌڙ چاڙھ پڻ دريائي ڪورين اگھيماڻي ۽ ڇڇ ڪيٽي ڪوري کي مڪمل ڀري پلٽي هتان جي حفاظتي بندن تي سخت ڌٻاءَ پڻ وجھي ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ واري وهڪري ٺٽي جي انتهائي حساس ڄاڻايل حفاظتي بندن سونڊا هيلايا ( ايس ايڃ ) بندي ، ٻائو پورنداس (پي بي ) بند ، شهدي دولھ درياءِ پل جي ٻنهي پاسن کان ڏنل اسپرس بندن ، اگھيماڻي ۽ پير جو ڳوٺ سميت بي يو گليل بند ۽ انڊو بند سان پڻ ٽڪرائجي ڄاڻايل حفاظتي بندن تي لاڳيتو ڌٻاءُ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪچي ۾ پنجن کان مٿي زمينداري بندن کي مختلف جڳھن کان گھارا پئجي ويا  آھن

دريائي تيز وھڪري سبب ڳوٺ  اسماعيل اگھيم ، جڙيو ميربحر ، طالب خاصخيلي ، نبي بخش شورو ، آچو شورو ، اسماعيل خاصخيلي ، رفيق ملاح ، رسولي ملاح ، فتح محمد جاکرو ، رمضان بروھي ، ڪريم ڏنو جونگائي ، ھاشم شورو ، صوف خاصخيلي ، جمن شورو ، غازي سولنگي ، ڪريم ڏنو شورو ، سائين ڏنو شورو ، مير محمد خاصخيلي ، ساجن خاصخيلي ، اسماعيل شورو ، عارو ملاح ، غفور ملاح ، عيسو جاکرو ، ابوبڪر سنگھار، حاجي سنگھار ، صوفن سنگھار ، اقبال سنگھار ، گل حسن شورو ، حاجي حسين شورو ، گل محمد ولھاري ، محمد علي شورو ، ناٿو جنگائي ، علي جونگائي ، احمد جونگائي ، ڪريم ڏنو جونگائي ، محمد حسن ملاح ، کمون ملاح ، تاج محمد سومرو ، جيئند جاکرو ، سليمان جاکرو ، مبين جاکرو ، قاسو جاکرو ، حسين ھالو ، عثمان چوھاڻ ، محرم مگسي ، خان مگسي ، گل حسن مگسي ، بابو مگسي ، رمضان ملاح ، سيد ڇٽل شاھ ، الله ڏنو پارھيڙي ، گلاب پارھيڙي ، مجيد پارھيڙي ، علي حسن پارھيڙي سميت سوين ڳوٺ دريائي ٻوڏ ۾ اچي ويا آھن. جنھن ڪري ڪچي ۾ رھندڙ ھزاري ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ ڪري بچاء بندن تي پناھون ورتيون آھن

ٻئي پاسي سجاول وٽان به سنڌو درياءُ ۾ وڏي ٻوڏ اچي وئي آهي، سجاول مان 5 لک 34 ھزار ڪيوسڪ جو وهڪرو گذرڻ لڳو آھي، بچاءُ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ ڪري سجاول ضلعي جي ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آھي۔ سجاول ضلعي ۾ اٽڪل 60 ميلن تي مشتمل ايم ايس بچاءُ بند جي انتھائي حساس سورجاڻي ۽ منارڪي واري ھنڌن تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود بندن جي حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي بڻيل آھي۔ گذريل رات دير سان 1988ع ۾ سورجاڻي بند واري ھنڌ تان لڳل گھاري واري جڳھ تان روڻيون پڻ پئجي ويون ھيون، جنھن تي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري ۽ ايم اين اي اياز شاہ شيرازي فوري پھچي روڻيون بند ڪرايون

ھي به پڙھندا

سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي عملي منڇر کي باغِ يوسف آرڊي 14 وٽان ڪٽ ڏئي ڇڏيو

سيوهڻ، جوهي ۽ دادو بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو، وڏي وزير جو پنھنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو: ڄام خان شورو/شرجيل ميمڻ

باقراڻي واسي ڳوٺاڻن جو سينيٽر نثار کهڙو جي گاڏي کي روڪي احتجاج