سکر (بيورو رپورٽ) منڇر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي کاتي پاران نئين حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، منڇر ۾ ايندڙ پاڻي چاليهه هزار ڪيوسڪ تائين آهي ۽ ان مان رڳو 20 کان 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي نڪري پيو، سکر ۽ گڊو بيراجن وٽ پاڻي کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيئن ڪوٽڙيءَ کان پاڻي هيٺ لهي وڃي ۽ منڇر مان اڙل جو وٽان پاڻي لهڻ جو انتظار ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ جڏهن صوبائي وزير ڄام خان شورو سان رابطو ڪيو ويو ته هن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته ٻن ٽن ڏينهن بعد سکر ۽ گڊو بيراجن وٽ پاڻي کي روڪيو ويندو، جيئن منڇر مان پاڻي نڪري سگهي، ڇو ته پنجاب مان پاڻيءَ ۾ تمام گهڻي لاٿ آئي آهي. هن چيو ته 2010 واري ٻوڏ ۾ منڇر 121.8 تي ٽٽو هو ۽ ان کي وڌائي 128 فوٽ ڪيو ويو، هڪڙي آرڊي 62 آهي جيڪا اڃان 123 تي آهي، اها ريگيوليٽر وٽ آهي. منڇر پاڻي کڻي وڌيڪ پئي ۽ ان مان نڪري گهٽ پيو. هن چيو ته ڪوٽڙي وٽ پهرين چاڙهه وارو پاڻي پهتو آهي ۽ هاڻي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٻي وٿي ملي ويندي ۽ منڇر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. منڇر کي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙيون پيا. هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته روهڙي ڪئنال توڙي خيرپور ۽ نوشهري فيروز جو پاڻي ڪنڊياري اسڪيپ وٽان دريا ۾ داخل ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ آبپاشي جي وزير تصديق ڪندي چيو ته اها حڪمت عملي به ٺاهيون پيا، دريا جي مانيٽرنگ ڪيون ٿا ۽ لاٿ جو انتظار آهي ڇو ته هن وقت رڳو پاڻي اڌ فوٽ مٿي آهي جيئن ئي درياءَ جو پاڻي لٿو ته روهڙي ڪئنال ۽ خيرپور وارو پاڻي اتان ڪڍي وينداسين. ٻين هنڌن تي به ان حڪمت کي عمل ۾ آڻبو. هن چيو ته سيٽل ايريا جو مسئلو آهي. گڊو ۽ سکر بيراج وٽ پاڻي روڪڻ جي حوالي سان پاڻِي ماهر نور محمد بلوچ پنهنجي اخبار سان ڳالهيندي چيو ته جيستائين منهنجو اندازو آهي سکر وٽ پاڻي کي روڪڻ شروع ڪيو ويو آهي پر منڇر جي حوالي سان فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن ڪوٽڙيءَ وٽان پاڻي ۾ لاٿ اچي ۽ سيوهڻ وٽ پاڻي ٽي لک تائين لهي وڃي. هن چيو ته هن وقت دريا جي آر ايل منڇر کان ست فوٽ مٿي آهي. منڇر 123 فوٽ آهي ۽ دريا 130 فوٽ آهي. ايف پي بند وٽان لاٿ ٿي رهي آهي. هن چيو ته سکر ۽ گڊو وچ ۾ ڪچي ۾ دٻاءُ وڌندو.