سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي عملي منڇر کي باغِ يوسف آرڊي 14 وٽان ڪٽ ڏئي ڇڏيو

0
430

ڪراچي (نمائندن وٽان) سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي عملي منڇر کي باغِ يوسف آرڊي 14 وٽان ڪٽ ڏئي ڇڏيو، منڇر جي گيٽس تان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ بعد ڳري مشينري ذريعي ڪٽ هنيو ويو

 پاڻيءَ جا وهڪرا 5 يوسيز جي آبادين ڏانهن وڌڻ لڳا، يوسي بوبڪ، چنا، آراضي، جعفرآباد ۽ ٽلٽي مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي

 ضلعي انتظاميا متاثر ٿيندڙ هڪ لک آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا،  2010 ۾ به منڇر کي ساڳئي هنڌ تان ڪٽ ڏنو ويو هو، منڇر جو پاڻي دادو جي آرڊي 62 بوبڪ واري گيٽ تان به اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ دوران 559 ڄڻا فوت، 21 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ خطرناڪ واڌ