سيوهڻ، جوهي ۽ دادو بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو، وڏي وزير جو پنھنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو: ڄام خان شورو/شرجيل ميمڻ

0
461

ڪراچي:  آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو  ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سيوهڻ، جوهي ۽ دادو بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو، ڪٽ هڻڻ سان مختلف شهرن جي رنگ بندن تان دٻاءُ گهٽجي ويندو

آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ٽائيم نيوز سان ڳالهيون ڪندي چيو ته منڇر کي ڪٽ هڻڻ سان سيوهڻ جون 3 يوسيز متاثر ٿينديون، متاثر ٿيندڙ يوسيز جي آبادين کي انتظاميا پاران اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ويو هو، منڇر کي ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو آبپاشي جي انجنيئرن ڪيو

سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي

پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وڏا شهر ۽ وڏيون آباديون بچائڻ پهرين ترجيح آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو پنهنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو، لڏپلاڻ ڪندڙ متاثرن کي نڌڻڪو يا اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور سهائتا ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

ڪراچي مان مانجھند گھمڻ آيل ڪراچي واسي ڪٽنب جا 7 ڀاتي ٻڏي ويا

سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي عملي منڇر کي باغِ يوسف آرڊي 14 وٽان ڪٽ ڏئي ڇڏيو