ڪراچي مان مانجھند گھمڻ آيل ڪراچي واسي ڪٽنب جا 7 ڀاتي ٻڏي ويا

0
414
مبارڪپور ۾ سڱاوتي تڪرار

مانجھند: ڪراچي مان مانجھند گھمڻ آيل ڪراچي واسي ڪٽنب جا 7 ڀاتي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن

علي آباد انڊس ھاءِ وي ڀرسان انڙپور روڊ تي ٻوڏ جي پاڻي ۾ فيملي جي ٻڏڻ جا اطلاح سامھون آيا آھن

ذريعن موجب حاجاڻا برادري جي فيملي جنھن ۾ عورتن ٻارڙن ۽ مردن سميت 6 کان 7 ماڻھو شامل ھئا، درياھ جي تيز وھڪري سبب ٻڏي ويا

ضلعي انتظاميا پاران واقعي واري ھنڌ ڪير نه پھتو، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻڏي ويل فيملي کي ڪڍڻ ۾ مصروف آھن

علائقي واسين ضلعي انتظاميا کان ريسڪيو ٽيمون موڪلڻ جي گھر ڪئي ته جيئن ٻڏي ويلن کي ڪڍيو وڃي