جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

 

صبح جو سوير جاڳ ٿي وڃي ٿي، ڏينهن پنهنجي معصوم ادا سان هٿ ملائي ٿو، ناصر ڪاظمي جي شعر تي دوست تبصرا ڪن ٿا:

چھوڑ آئے ہو سرشام اُسے کیوں ناصر،

اُسے پھر گھر سے بُلاؤ کہ کچھ رات کٹے۔

ڏاهاڻي مون واري ڊائري کڻي اچي ٿو ۽ سڀن کي چوي ٿو ته ڀائو آصف ناصر ڪاظميءَ کان گھٽ آهي ڇا؟ ڏاهاڻيءَ جا اهي لفظ ڪُفر جيان لڳن ٿا ڇو جو ناصر ناصر آهي، خير دوستن جي اسرار تي آئون پنهنجي ڊائريءَ جا ورق اُٿلايان ٿو ۽ انهن کي ٻڌايان ٿو ته:

تنهنجي حسن مٿان، سهڻا صدقو وڃان، دلربا دل نشين، منهنجا پيارا پرين.

تنهنجي چهري مٿان، چنڊ تارا جھڪن، ڪارا وار حسن تي پهرو ڏين.

وتي خوشبوءِ گلن تنهنجي وارن کان، دلربا دل نشين، منهنجا پيارا پرين.

ڏند موتين مثل، لب لالون لڳل، ڳل ڳاڙها گلابي ڏسي پئنور ڀلن،

وڌ مشڪ عنبر کان پسينو چوان، دلربا دل نشين، منهنجا پيارا پرين.

سر منهنجو هجي تنهنجي قدمن ۾، هٿ منهنجو هجي تنهنجي پيرن ۾،

جيسين جيئرو آهيان پل پري نه ٿيان، دلربا دل نشين، منهنجا پيارا پرين.

تون ٿو جمون کي ڏسين مست مور لڳين، اچ اڱڻ آصف جي، منهنجي دل جا ڌڻي،

توتان جانِ وفا، ڇلگري ٿو مران! دلربا دلنشين، منهنجا پيارا پرين

مون دوستن کي ٻڌايو ته جو به غزل يا نظم وغيره منهنجي من ۾ ان ريت جُڙي ويندو آهي اُهو مون کي چڱيءَ طرح ياد رهندو آهي ۽ آئون اُڻ کي به چار مهينا پوءِ حافظي سان دهرائي سگھنو آهيان، آئون ڪنهن وقت سوچيندو آهيان ته آئون پيدائشي شاعر آهيان، ڪنهن وقت منهنجي ادبي زندگيءَ ۾ ايئن ٻُٽ اچي ويندي آهي جو مون کي ڊپ ٿيندو آهي ته ڪٿي شاعري مون کي ڇڏي نه وڃي، پوءِ وري ڪا ئي ڪيفيت هوا جي جھونڪي جيان ايندي آهي ۽ جي شعر جي هڪڙي به چڱي سٽ جڙي ويندي آهي ته آئون اُها بار بار دهرائيندو آهيان ۽ ڪنهن ڪنهن وقت اُها ڪيفيت وڄ، واءُ، طوفان جيان ٿي ويندي آهي ۽ سٽون وڏ ڦڙي جيان وسنديون آهن. هڪ نظم لکي پورو ڪندو آهيان ته ٻيو ڊوڙندو ايندو آهي ۽ جڏهن لکي ٿڪبو آهيان تڏهن هڪ هلان ڪيل قلعي جيان ڊهي پوندو آهيان. موسم اوچتو شرابي ٿي پيو، رم جھم آڪاش ڦوار وسائڻ لڳو ۽ ٿورڙي دير ۾ اها رم جھم ڦوار تيز برسات ۾ تبديل ٿي وئي. آئون ۽ عابد پارڪ ۾ نڪري پياسين. اسان تمام گھڻو تيز برسات ۾ پسياسين، ڪجھه ٿانوَ به برسات ۾ رکياسين ۽ برسات جو تازو شفاف پاڻي به ڍَو تي پيتوسين. گُل، ٻوٽا، گاهه ۽ وارڊ جي هر شيءِ چمڪڻ لڳي آهي. عابد چيو ته اُها اٿئي قلندر ۽ ڀٽائيءَ جي سنڌڙي مون هُن کي غور سان نهاريندي چيو ته اها اٿئي آصف ڇلگريءَ جي پياري سنڌڙي! هن وقت نارن مان پاڻي هيٺ ڪري رهيو آهي ۽عابد شيخ برسات جي پاڻيءَ سان راند ڪري رهيو آهي

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

ڪنڊياري جا ٽي اوز سيٽون ڇو نه ٿا ظاھر ڪن؟

 

ھنن ڪالمن وسيلي ڪيترائي اميدوار ان ڳالھ تي زور ڏئي رھيا آھن ته اميدوارن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي ته ڪنڊياري جو سيٽون لڪايو پيو وڃن جنھن جا ثبوت پڻ ھر ڪنھن وٽ آھن منھنجي خيال ۾ سيٽون لڪائڻ جو اھم سبب 2013 واري واردت ورجائڻ آھي، ڇو ته ان وقت ايئن ڪيو ويو ته جيڪي اميدوار پاس ٿيا ھئا انھن کي سيٽون نه ھئڻ جو جواز ڄاڻائي آفر آرڊر نه ڏنا ويا، ان ۾ ڏٺوسين ته ڪيترائي اميدوار رھجي ويا ۽ ھن ڀيري به ساڳي ڪار آ. ڊي اوز ھجن يا ٽي اوز انھن جو اميدوارن سان رويو پڻ ٻڌائي ٿو ته سموري دال ڪاري آ. ھيتري وقت کان پوءِ ويڪنسي پوزيشن ظاھر نه ڪئي وئي آھي ۽ افسوس ته ڪنڊياري جا ٽي اوز پڻ بند پيل اسڪولن ۽ رٽائرمينٽ جون سيٽون ظاھر ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، ايئن ٿيندو رھندو آھي ته سيٽون گھٽ ظاھر ڪري بعد ۾ لڪ ڇپ ۾ پئسن تي سيٽون ڏنيون وڃن ڇو ته نوشھري ضلعي جو ۽ خاص ڪري تعلقي ڪنڊياري جو رڪارڊ ٺيڪ ناھي جو ان مان ميرٽ جي اميد رکي سگھون. شروع ۾ ڊي او نوشھرو اسلم راڄپر جي ڳالھين مان لڳو پي ته اميدوارن سان انصاف ٿيندو پر جي ايس ٽي ۽ فيس ٽو پي ايس ٽي کان پوءِ ايئن ڊي او به ٽي اوز اڳيا بيوس نظر پيو اچي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته جيڪي 30 کان 35 بند پيل تعلقي ۾ اسڪول آھن، اھي کوليا وڃن، هينئر جيڪڏھن مثال وٺو ھڪ ٻن يوسين جي ڀورٽي ۽ ڊيٿا جي ته اتي 12 کان 15 بند پيل اسڪول آھن، پر انھن کي پڻ نٿو کوليو وڃي ۽ انھن يوسين جي اسڪولن ۾ استادن جي پڻ کوٽ آھي جيڪي سيٽون ظاھر نه ٿيو ڪيون وڃن، جيڪو پڻ ڪرپشن جو ھربو ٿي سگھي ٿو ان لاءِ گذارش آھي ته رٽائرمينٽ ۽ جيڪي 6 مھينن کان پوءِ جيڪي استاد رٽائر ٿيندا انھن جون سيٽون به ظاھر ڪري بيچني ختم ڪئي وڃي، مٿان ڄاڻيل اسڪول صرف ھڪ ٻين يوسين بابت آھن پر ڪنڊياري سڄي ۾ الائي ڪيتريون سيٽون ھوندي لڪايو پيون وڃن، ھنئر جيڪڏھن انصاف نه ڪيو ويو ته اميدوار احتجاجي تحريڪ سان گڏ ڪورٽ جو در پڻ کڙڪائيندا.

 

اظھر خان/ڪنڊيارو

 

ھڪڙي ڄٺي منظور حيسن وساڻ ڏانھن!

 

برک سياسدان منظور وساڻ جو اباڻو  شھر ڪوٽڏيجي ۽ ھاڻوڪو “وينس”  مڪمل طور ٻڏي ويو آھي منظور حسين وساڻ جون ڪوٽڏيجي مان وينس واريون سڪون الائي ڪڏھن لھنديون جو ھن سيلاپ وارو پاڻي نيڪال ٿيندو ھڪ خانگي ٽي وي چينل تي بيان ڏيندي سائين جن  چيو ته ڪوٽڏيجي ته اٽلي جي شھر وينس جھڙو ڏيک ڏئي رھيو آھي، منظور وساڻ جي بيان مان ايئن لڳي رھيو ھو ڄڻ ھو سيلاپ واري پاڻي ۾ ٻيڙيءَ تي ڇڙھي انجواءِ ڪرڻ نڪتو ھجي، منظور وساڻ صاحب کي علائقي ۾ جيڪا تباھي ٿي آھي اھا ڪٿي نظر نه آئي، ڏکن جي ڏکايل ماڻھن کي ڪو آٿت ڏئي چئي ھا ته مان خواب ڏٺو آھي 5، 7 ڏينھن اندر پاڻي علائقي مان ختم ٿي ويندو ۽ ماڻهو پنھنجي گھر ڏانھن واپس موٽي ويا آھن. منظور وساڻ خوابن جو بادشاھ آھي، خواب جي لحاظ کان مشھور آھي، سندس ڪيترائي خواب سچا ثابت ٿيا آھن، من خواب سانڀان ٿي پوي ھا، متاثرن کي به آسرو ٿي پوي ھا، پريشان گھٽجي وڃي ھا، منظور حسين وساڻ صاحب اوھان برک سياسدان آھيو ۽ صاحب اقتدار آھيو، توھان وٽ وسيلا آھن اوھان وٽ پاور آھن، ھڪ فون تي ڏھ ڪرين مشينون اچي سگھن ٿيون، اوھان لاءِ مڪمن آھي ڪوٽڏجي تعلقو اوھان جو گھر آھي، ھتان جي عوام جي واھر ڪيو، پاڻي کي ڪٿان نه پاڻي واھ ڇوڙ ڪرايو ته جيئن نيڪال ٿي سگھي، ڪوٽڏجي عوام جي ھن سيلاب واري پاڻي جي عذاب مان جان ڇڏايو.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

خدارا مڇرمار دوا جو اسپري ته ڪرايو!‎‎

 

ھن وقت تقريبن سموري سنڌ پاڻي ئي پاڻي آھي، تقريبن ھفتو برسات کي بند ٿئي ٿيو آهي پر سنڌ جي شھرن توڙي ٻھراڙين وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي نظر ڪو نه پئي اچي. ھر ھنڌ پاڻي بيھڻ ڪري مڇرن ۽ ٻين جيتن جي پيدا ٿيڻ سان انسان توڙي چوپايو مال سخت تڪليف کي منھن ڏئي رھيا آھن. مڇرن جي ڪري ڪيترائي ماڻھو بيمار ٿي ويا آھن ۽ چوپايو مال به مرڻ لڳو آھي. خدارا گھٽ ۾ گھٽ رليف ڪئمپن سميت سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ جلد کان جلد مڇرمار دوا جو اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن انسان توڙي جانور بيمارين کان محفوظ رھي سگھن. اسان وس وارن کي عرض ٿا ڪريون ته اوليتي بنيادن تي ڳوٺ حسين آباد تعلقو ڪوٽڏجي ضلعي خيرپور سميت سموري سنڌ ۾ جلد کان جلد اسپري ڪرائيندا .

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد، خيرپور

 

ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ آچر خان جمالي جي سار لهو!

 

پنج سئو گهرن تي ٻڌل قديمي ڳوٺ آچر خان جمالي ۾ گذريل برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 70 سيڪڙو گهر ڪري پيا ڳوٺاڻا پنهنجا گهر ڇڏي روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، انتظاميا يا ڪنهن چونڊيل نمائندي سار نه لڌي آهي، هن ڳوٺ جا 70 سيڪڙو رھواسي غريب ھاري ۽ مزدور آھن يا گهريلو جانور پالي گذر سفر ڪن ٿا، فصل سڙڻ سان گڏ مال متاع پڻ مري ويا پر غريبن جا گهر به ڪري پيا ۽ زميندارن پاران هارين کي فصل تي ٿيل خرچ معاف نه ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن ڳوٺ ۾ بيٺل گندو ڪارو پاڻي منڇر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب چمڙي جون مختلف بيماريون وڌي ويون آهن، ان کان سواءِ مڇر ۽ سوين قسمن جا آبي جانور پاڻي ۾ موجود آهن، تيزاب جهڙي پاڻي ۾ ٻارن ۽ بزرگن جا پير سڄي ۽ خراب ٿي چڪا آھن ۽ ڳوٺ جا معصوم ٻار سڄي سڄي رات مڇرن جي آزار سبب دانھون ٿا ڪن، آخر ڇو ھر دور ۾ ڳوٺ آچر خان جمالي کي لاڳيتو نظرانداز ڪيو ٿو وڃي گذريل 40 سالن کان ڳوٺ آچر خان جمالي ۾ ڪو ھڪ به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو پر موجوده صورتحال ۾ به ڳوٺ آچر خان جمالي جي ڪنهن سار نه لڌي آهي، ٽينٽ، راشن، مڇردانيون ۽ دوائون جيئن هن ڳوٺ جي مسڪينن غريبن لاءِ نه آيون هجن، ڳوٺ آچر خان جمالي واسين ھتي جي سياسي وڏيرن کي ھميشه عزت ڏني آھي پر پوءِ به ھنن مسڪينن سان اھو حال آخر ڇو آھي؟

 

مدد علي جمالي/ ٻانڌي

ڏھر ٻانھياري ڍنڍ جو سيلابي پاڻي!

 

چوندا آھن ته پاڻي پنھنجو گس پاڻ ٺاھيندو آھي، ناري جو سيلابي پاڻي اچي (ڇور اسٽيشن) ۾ ڇو ڙ ڪندو ھو، تنھن ڪري “ڇوڙ شھر” تي “ڇوڙ” جو نالو پيو. مطلب ته ڇور ۽ نيوڇور ھيٺين سطح وارا شھر ھئڻ ڪري ناري جو پاڻي ٽيبري، ٻانڌو ۽ ٻانھياري ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪندو ھو. ڍوري ناري کان نڪرندڙ ڇـور واھ لڳ ڀڳ نارائڻ سنگھ جي اوطاق تي ختم ٿئي ٿو، جتي پوڇڙي جا واٽر نڪرن ٿا، بلڪل اتر طرف 2 ڪلوميٽر تي تگوسر ۽ ٻانھياري ڏھر لڳي ٿو. جيڪو ڪنھن وقت ۾ مشهور ڍنڍ ھئي. اڄ به ڇور واھ کي وڌائي ان ڏھر ٻانھياري کي منھن ڏين ته نه رڳو سيلابي پاڻي نيڪال ٿي سگھي ٿو پر ڪلانڪر ڍنڍ وانگر ٿر جي سنگم تي ھڪ مشهور ڍنڍ ٿي سگھي ٿي  جاگير ۽ مانڌل شاخ جو سيلابي پاڻي ڇور روڍ جي ڀرسان نڪاسي ٺاھي کيت سنگھ کان ھيٺ ڪراس ڪرائي  نارائڻ سنگھ جي اوطاق جي اتر طرف ملائي ٻانھياري ڏھر ۾ ڪراس ڪرائي سگهجي ٿو. اھڙي طرح سڀ سيلابي پاڻي آھوري، اکيراج، کيت سنگھ ۽ فوجي ڏھر جو سيلابي پاڻي ڏھر ٻانھياري ۾ ڇوڙ ڪرائي سگهجي ٿو. چون ٿا ته سائين غلام حيدر شاھ نيوڇور شھر ۽ ٿر جي ماڻھن جي لاءِ ڇور واھ کان واٽر کوٽرائي انھي ڏھر تائين پھچايو ھو، جنھن سان ڪافي قدر پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ٿيو ھو. جيڪڏھن اسان جا سياسي اسٽيڪ ھولڊر ۽ زميندار ھمٿ ڪن ته سيلابي پاڻي جي نڪال جو مسئلو حل ٿي ويندو، ان سان گڏ ھڪ خوبصورت “ڍنڍ ٻانھياري” جي صورت ۾ وجود اچي ويندي، جنھن سان نه رڳو پاڻي جي کوٽ واري دور ۾ مقامي زميندارن کي پنھنجي ٻنين لاءِ فائدو ٿيندو پر ٿر جا ماڻھو به فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. انھيءَ “ڏھر ٻانھياري” جي اھميت جو اندازو انھي ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان تي ديھ ۽ تپي جو نالو پيو ٻانھياري پيو.

 

عبداللہ شيخ/ نيوڇور

 

پيارا محبوب سرواڻ!‎‎

 

منهنجا پيارا محبوب سرواڻ اڄ ڪجھ هج مان ڪجھ چوڻ چاهيان ٿو، سرواڻ سائين هن برساتن ۾ منهنجي مٽي سان ٺھيل جهوپڙي ڪري پئي، هن وقت کيل آسمان هيٺ رهان پيو، بي يارو مددگار منهنجن معصوم ٻارن کي مڇرن جسم تي ڳاڙھا زخم ڪري چڏيا آهن ۽ هو روئي پڇن ٿا ته بابا اوهان جو محبوب سائين ڪٿي آھي؟ آئون چوان ٿو ته سرواڻ سائين اوهان لاءِ ضرور مڇر دانيون، دوائون وٺي ايندو پر سرواڻ جو انتظار ڪندو رهيو، انهي انتظار وفادار ايلچي جو پٽ مليريا ۾ فوت ٿي ويو، سرواڻ عذر تي نه آيو. منهنجا محبوب سرواڻ اوهان جي عشق ۾ گهر ۾ ٻارن جي چانھ لاءِ ٻيٺل ٻڪري وڪڻي موبائيل وٺي سڄو ڏينهن سائين سائين ڪندو رهيس. منهنجا دل جا سردار اوهان جي ڪري پنهنجن رت جي رشتن کي گاريون ڏنم، پنهنجن جو گهر اڱڻ چڏيم. سرواڻ سائين سچي ڳالهه آهي ته ٻچن کي سلماني چانھ پياريم، سرواڻ سائين ڏينهن ۾ رب پاڪ کان پوءِ گهڻي اوهان جي تعريف ڪندو آھيان پوءِ به سائين اوهان پنهنجي رعيت جي اها جهريل جهوپڙي ڏسڻ ڪونه آيا، مون کي ڏک پهتو، منهنجو سردار منهنجي هن ڏکي گهڙيءَ ۾ نه آيو، منهنجي مٿي جا موڙ سائين اسان هاڻي ڪيڏانهن وڃو؟

 

ابراهيم لنڊ/ ڪلوئي، شھر

منھنجي ڳوٺ جو حال جي پڇندي!‎‎

 

ڳوٺ ملا ابڙا لڳ اسٽيشن مشوري شريف جيڪو ھڪ علمي ۽ تاريخي ڳوٺ لکيو وڃي ٿو پر چوماسي جي برساتن پوڻ ڪري اتان جون ڪچيون جڳھون ڊھي پٽ پئجي ويون آھن ۽ مسڪين غريب ڳوٺاڻا ويچارا دربدر کليل آسمان ھيٺ ٻارن ٻچن سوڌو پيٽ بکايل ويٺا آھن، سندن واھر لاءِ نڪو يونين ڪائونسل چيئرمين آيو آھي، نڪو تڪ جو چونڊيل نمائندو ايم پي اي پھتو آھي ۽ نڪو ڳوٺ ۾ ڪو اھڙو فلاحي ادارو آھي جيڪو سندن واھر ڪري. مسڪين ويچارا ويڳاڻا جڏھن ڏسان ٿو ته اکين جا لڙڪ لاڙي ويھندو آھيان ته اسان جي حڪومت ڪيڏي ته بيحس ٿي وئي آ جو انسانيت نالي ڪا شيءِ ئي نٿن. منھنجي ڳوٺ جو حال جي پڇندي ته روئي پوندي.

 

سرمد ابڙو/ باقراڻي، لاڙڪاڻو

 

جيئي ڀٽو ڪري ڪري اڄ اسان جا حال هي آهن!

 

ضلعو نوشهروفيروز يوسي ٺٽ ڳوراهو، ڳوٺ ڪوڙيجا ڀاڻ قديم ڳوٺ آهي جيڪو 2010ع جي واري ٻوڏ ۽ 2015ع واري ٻوڏ ۾ ٻه ڀيرا تباهه ٿي چڪو آهي انهن ٻنهي ٻوڏن واري وقت ۾ غريب ماڻهن جا اجھا بلڪل ڊهي تباهه ٿي ويا هئا، جن جي هن وقت تائين ڪنهن به سار نه لڌي، 10ع ۽ 2015ع وري ٻوڏ بعد غريبن پنهنجي مڙسي ڪري پنهنجا ڪڇا پڪا گھر ٺاهيا هئا. سياست پيغمبري پيشو آهي ۽ سياستدانن جي ذميواري آهي ته هو عوام جي خدمت ڪن، جنهن ۾ لٽو، اٽو ۽ اجھو عوام کي مهيا ڪيو وڃي پر افسوس ته  هتي ته حڪومت اهڙي آهي جيڪا 10 رپيا به فنڊ اسان غريب کان ٿي گھري. هاڻي 2022ع ۾ پوري سنڌ برساتي ۽ سِم جي پاڻيءَ هيٺ آهي، جنهن ۾ ڳوٺ ڳوڙي جا ڀاڻ ٽيون ڀيرو به نقشي تان ڊهي ۽ ميٽجي ويو آهي، هتي برساتي پاڻي بيٺل آهي، ٻيو درياهه ويجھو آهي جيڪو تارو تار وهي رهيو آهي ۽ ان ڪري زمين پاڻي کڻڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ڪلر اسان جي جھريل اجھن کي رهڻ لائق نه ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ايمرجنسي واري صورتحال آهي پر اسان موت جي ڪنڌيءَ تي زندگيءَ جا ساهه کڻي هڪ طرف درياهه، ٻئي طرف سِم ۽ ٽئين طرف برساتي پاڻيءَ سان جھيڙي رهيا آهيون. هتان جا غريب ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن. ملڪي ترقيءَ جو اهو حال آهي جو اسان کان 5 سال پوءِ آَزادي ماڻيندڙ چائنا هن وقت دنيا جي سپر پارو ملڪ آمريڪا جو مقابلو پيو ڪري، اسان ڪرپشن، اقربا پرووري، سفارش جي ڪري ترقيءَ بجاءِ پوئتي پٿر جي دور ۾ ڌڪجي ويا آهيون. سموري سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پوءَ به سمورو ويل سنڌين سان آهي، حڪمرانن کان ملڪ نٿو هلي ان ۾ عوام جو ڪهڙو ڏوهه. سدائين اسان جي قديم ڳوٺ ڪوڙي جي ڀاڻن کي سياستدانن پاران نظرانداز ڪيو ويندو آهي. رڪارڊ ڳالهه اها آهي ته ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ هجي يا ٺٽ سولنگي، هنن ڳوٺن ۾ ويهارون کن سالن کان هڪ سِر به سرڪاري امداد جي نه لڳي آهي. اهو اسان جي چونڊيل نمائندن ۽ تَر جي سياستدانن جو حال آهي، ڇو ته ملندڙ سرڪاري امداد وڏيرن، ميرن ۽ پيرن سميت انهن جا واٺا کائي اوگرائي به ناهن ڏيندا ته غريبن وٽ ڌوڙ پهچندو؟ اسان جو چونڊيل نمائندن کي عرض آ ته هي پاڻي به گذري ويندو پر ان کان پوءِ ڪنهن ڪاموري جي نالو جو ڪانءُ به هن علائقي مان لنگھڻ نه ڏبو، اسان صرف سرڪاري امداد، سهاري ۽ سهڪار جي گھر ٿا ڪريون جيڪو اسان به حق آهي ڇو ته اسان درياهه جي ڪنڌيءَ تي ويهي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ان ۾ ڪنهن ڪاموري جو ٿورو اسان تي نه ٿيندو. اسان به هن ملڪ جا رهواسي ۽ ٽئڪس ڀرو آهيون. اسان کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي.

 

سرفراز علي سولنگي/ڪوڙيجا ڀاڻ، نوشهروفيروز

زندان جي جھروڪن مان!

 

پنهنجي جانيءَ ڏانهن لکيل سنيهو!

 

 

اُهو ئي چار وڳي جو وقت آهي، دل ٿي چاهي ته آئون اوهان کي پنهنجي مخاطب تصور ڪري اوهان تي ويهي ڪجهه لکان. جيئن مون کان پهريون جيل ۾ رهندڙ قيدين پنهنجن جانين ڏانهن لکندا رهيا آهن، آئون به اوهان جي نانءُ لکان پر ڪجھه لکڻ لاءِ قلم ساٿ نٿو ڏئي، جيڪو ڪجھه آئون اوهان لاءِ لکڻ چاهيان ٿو اُتي قلم لکڻ کان رڪجيو وڃي. شايد منهنجي هٿ ۾ لکندڙ قلم کي به اوهان جي مون سان بيوفائيءَ جي خبر آهي. شايد انهيءَ لاءِ ڪجھه لکڻ لاءِ تيار ئي ناهي. آئون اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته جيل ۾ پهچڻ شرط ڪافي ڏينهن تائين اوهان مون کي تنهائي ۾ ياد رهيا، جڏهن به مون کي اوهان جي ياد ايندي هئي ته منهنجي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. آئون پنهنجي نادان دل کي روئيندو ڏسي اهو چئي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته هڪ ڏينهن اوهان ضرور اسان جي سار لهندئو. اهو ٻڌي منهنجي دل کي تسلي ٿيندي هئي ته هڪ ڏينهن اوهان ضرورت اسان ڏانهن موٽ کائيندا پر وقت جي حساب سان دل کي به اوهان جي بيوفائيءَ جي ڄاڻ ٿيندي وئي ۽ هوءَ هميشه لاءِ رت جو ڳوڙها ڳاڙڻ بدران پڪي ٿي چپ ٿي وئي. جيڪا دڙڪن اوهان لاءِ منهنجي دل مان نڪرندي هئي سان ڌڙڪن هميشه لاءِ بند ٿي وئي، ڇو ته اسان قيدين جيان اسان جي دلين تي به جيل ۾ پابندي لڳل آهي ته زندانين جو تعلق ڪنهن به طرح ٻاهرين سان نه رهي. ايتري قدر ته ٻاهرين جو پاڇو به اسان قيدين مٿان نه پوي. جاني مون کي جيل جي ڪنڊ ۾ رکيو ويو آهي. اُتي گھڻا محبت ڪندڙ قيدي موجود آهن جيڪي مون کان پنهنجن جانين لاءِ پريم پتر لکرائيندا آهن، شايد انهن سان سندن تعلقات اڃا برقرار رهن پر آئون فقط اوهان جي هڪ جھلڪ لاءِ سِڪي رهيو آهيان، ڪڏهن ته اوهان کي آئون رات جي پهر ۾ آسمان ۾ ڳوليندو آهيان پر مون کي سڏڻ ۾ توهان ناهيو ايندا. يا شايد منهنجي کوليءَ جون دَر دريون تمام مٿي آهن، جتان اوهان کي ڳولڻ تمام گھڻو ڏکيو آهي، بس اوهان جڏهن به ياد ايندا آهيو ته منهنجي زبان مان اوهان لاءِ هي لفظ نڪرندا آهن ته جتي به رهو خوش رهو، سدائين آباد رهو، ڪڏهن به توهان کي ڪوسو واءُ نه لڳي، سدائين مُرڪندا رهو.

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد