سنڌ ۾ ٺهيل برساتي ڍنڍ ڪيئن ختم ٿيندي!

0
236
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

تازين برساتن سنڌ جي جاگرافي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا جي خلائي تحقيق جي اداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ 100 ڪلوميٽر ويڪري ڍنڍ ٺهي وئي آهي.  ناسا پاران سنڌ ۾ ڍنڍ جون تصويرون خلا مان ورتيون ويون آهن. اهي تصويرون سندن ويب سائيٽ تي جاري ڪيون ويون آهن جن ۾ پاڻي کي واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. رپورٽ موجب سيٽلائيٽ مان ورتل تصوير ۾ نيرو رنگ ڍنڍ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي جڏهن ته سيٽلائيٽ تصويرن ۾ سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي وارو وڏو حصو ٻوڏ جي پاڻي هيٺ نظر اچي رهيو آهي. ناسا پاران ٻه تصويرون جاري ڪيون ويون آهن جن مان هڪ تصوير وڏين برساتن کان اڳ جي 4 آگسٽ جي آهي. جڏهن ته ٻي تصوير برساتون پوڻ بعد بلوچستان ۽ ٻين علائقن جو پاڻي سنڌ جي حدن ۾ اچڻ کانپوءِ جو 28 آگسٽ جي آهي. ٻنهي تصويرن کي گڏائي ڏسجي ته ان ۾ هانءُ ڏاريندڙ حقيقتون نظر اچن ٿيون. بلوچستان جي جبلن کان حمل ڍنڍ تائين ۽ حمل کان وٺي منڇر تائين رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر اچي ٿو جنهن کي نقشي ۾ نيري رنگ سان ظاهر ڪيو ويو آهي. شهدادڪوٽ، ميهڙ، قمبر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو به پاڻي جي گهيري ۾ آهن. لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعي ۾ ڪجهه جاين تي خوش جايون آهن پر اڪثر علائقا پاڻي هيٺ ڏيکاريا ويا آهن. جڏهن ته شڪارپور ضلعي ۾ به هر طرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو آهي. نقشي ۾ سنڌو درياه جو نقشو به ڏنو ويو آهي جنهن جي به پاڻي وارن علائقن کي ساڳيو نيري رنگ سان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي درياهه ۽ برسات جو پاڻي گڏيل به نظر اچي رهيو آهي. ٻي تصوير وري قمبر شهر جي جاري ڪيل آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 4 آگسٽ جي ڀيٽ ۾ هاڻ قمبر شهر جي چئني طرفن کان پاڻي ئي پاني آهي تمام ٿورا خشڪ ۽ ساوڪ وارا علائقا آهن نه ته هر طرف پاڻي نظر اچي ٿو. اهڙي ئي صورتحال شڪارپور جي ڌار جاري ڪيل تصوير ۾ نظر اچي ٿي. نقشو ٻڌائي ٿو ته گهوٽڪي ۾ وري درياهي ٻوڏ آهي جنهن جو وڏو علائقو وري درياهي پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آهي، درياهي پاڻي ڪنڌڪوٽ سان به ملي ٿو.

آمريڪي اداري جون جاري ڪيل تصويرون تباهي جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪافي آهن. اڃا ته وچولي ۽ لاڙ وارن علائقن جون تصويرون اچڻيون آهن اتي ٻوڏ جي صورتحال تمام خراب آهي. نوابشاهه کان سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن ۾ جيڪا تباهي آيل آهي ان جا فوٽو اڃا تائين ناسا پاران جاري نه ڪيا ويا آهن پر اتي موجود اسان جي رپورٽرن جون رپورٽون واضح آهن ته اتي به وڏي پئماني تي تباهي آيل آهي. اتي به ڪو اهڙو هنڌ نه آهي جتي پاڻي موجود نه هجي. حيدرآباد، مٽياري ضلعن ۾ وري ڪئنالن ۾ ڇوڙ ڪيل پاڻي جي ڪري تباهي آيل آهي. هاڻ ان تباهي جي نشاندهي ته ٿي وئي آهي پر اصل مسئلو پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ جو آهي ڇاڪاڻ ته اها 100 ڪلوميٽرن واري ڍنڍ غيرآباد نه پر آباد زمين تي جڙي آهي ان ڪري ان پاڻي جو نيڪال ضروري آهي. حڪومت اهڙا اپاءُ وٺي جو متاثر جلد از جلد پنهنجي گهرن کي اماڻيو وڃي. پاڻي ايترو ته گهڻو آهي جو ان جي نيڪال تائين زمينون پنهنجي زرخيزي وڃائي ويهنديون ۽ خطرو آهي ته اهي هميشه لاءِ غيرآباد ٿي وڃن. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي آباد ڪري ۽ گهر ۽ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏنا وڃن.