گاجي کهاوڙ شهر کي ٻوڙيندڙ پاڻي نصيرآباد جي حدن ۾ داخل

0
467
گاجي کهاوڙ شهر کي

ڪراچي (نمائندن وٽان) گاجي کهاوڙ شهر کي ٻوڙيندڙ پاڻي نصيرآباد جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آھي، گاجي کهاوڙ شهر اندر پاڻي ۾ شهري اڃا تائين ڦاٿل، ريسڪيو ٽيم نه پهتي آھي

ٻوڏ جي پاڻي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪا به ريسڪيو ٽيم نه پهچي سگهي، ٻوڏ جو پاڻي ميهڙ روڊ پار ڪري نصير آباد جي حدن ۾ داخل ٿيڻ لڳو آھي، انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا

رھواسين جو چوڻ آھي تھ پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري هاڻي نصير آباد شهر لاءِ به خطرو پيدا ٿي ويو آهي

وارهه ۽ گاجي کهاوڙ کي ٻوڙيندڙ پاڻي نصير آباد جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آھي، تيزي سان ايندڙ پاڻي نصيرآباد جي ڪيترن ئي ننڍن ۽ وڏن ڳوٺن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي

ضلعي انتظاميا رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به اُپاءَ نه ورتا آھن، برسات سبب اڳ ئي متاثر بڻيل نصيرآباد، گاجي کھاوڙ ۽ ٻين شھرن جا رھواسي خوف ۾ ورتل آھن

ھي به پڙھندا

سيوهڻ، جوهي ۽ دادو بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو، وڏي وزير جو پنھنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو: ڄام خان شورو/شرجيل ميمڻ

!ڪي اين شاهه کانپوءِ گاجي کهاوڙ شهر ۾ ٻوڏ جا هنيانءُ ڏاريندڙ منظر

ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ عورتون ۽ ٻار رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ جنبُي ويا