بهاولپور/راجنپور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ٻه ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته جيڪو به هن حڪومت جي پويان آهن ان کي چوان ٿو ته اسان کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، نه ته ٽائيگر بڻجي ويندس 4 مهينا انتظار ڪيو آهي قوم کي سڏ ڏنو ته توهان کي اسلام آباد ۾ به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. ملڪي قرض مان ڇوٽڪارو جو ذريعو سمنڊ پار پاڪستاني آهن موجوده حڪمران عوام جي خدمت لاءِ نه پر عوام جي چوري لاءِ آيا آهن، جلد شفاف چونڊون ڪرائي سياسي استحڪام آندو وڃي. بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته بي ضمير ۽ ضمير فروش پراڻي پاڪستان ۾ رهجي ويا، بهاولپور مان هڪ وڏين مڇن وارو لوٽو آهي، هي لوٽو 3 سال اسان جي حڪومت ۾ رهيو ۽ پوءِ ٻئي طرف هليو ويو، بهاولپور وارئو مون سان واعدو ڪريو، ڪڏهن به لوٽن کي ووٽ نه ڏجو، ياد رکو لوٽن جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن. شهبازشريف چوي ٿو  ته قوم محنت ڪري، قوم ته محنت ڪري ٿي پر توهان چوري ڪري وڃو ٿا، الله قوم کي شعور ڏنو، جيڪا بيدار ٿي چڪي آهي، عمران خان مريم نواز جي وڊيو هلائيندي کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مريم نواز چوي ٿي ته منهنجي لنڊن ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت ناهي، پاناما ليڪس بعد پتو پيو ته لنڊن جي مهانگي علائقي ۾ اربين رپين جي ملڪيت مريم نواز جي نالي هئي، صدقو وڃان، مريم وٽ ته ماني کائڻ لاءِ به ناهي، هن وٽ ڪابه ملڪيت ناهي، مريم نواز جو نالو احساس پروگرام ۾ ڏيان ٿو. عمران خان چيو ته ملڪ تي 3 چور مڙهيل آهن، تبديلي ٻن قسمن جي ايندي آهي، امام خميني وانگر يا ووٽ ذريعي تبديلي ايندي آهي، موجوده حڪمران عوام جي خدمت ڪرڻ نه عوام جي چوري ڪرڻ آيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي وڏي بيماري آصف علي زرداري آهي، مولانا فضل الرحمان مذهب کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪندو آهي، شهباز شريف چوري ڪري سڄو پئسو ٻاهر موڪليندو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙن کي وارننگ ٿو ڏيان ته اسان کي ڀت سان نه لڳايو، 4 مهينا برداشت ڪيو آهي، هر قسم جو ظلم ڪيو ويو، مون تي ڪيس ٺاهيا ويا، شهباز گل تي ظلم ڪيو ويو. عمران خان چيو ته منهنجي خلاف جيڪي حربا استعمال ڪري رهيا آهن، انهن کي وري خبردار ڪري رهيو آهيان، ڀت سان لڳايو ويو ته ببر شير بڻجي سگهان ٿو، هڪ سڏ ڏيندس ۽ اسلام آباد ۾ توهان کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، ملڪ جي بهتري لاءِ پيغام ڏئي رهيو آهيان ته صاف شفاف چونڊون ڪرايو، پنهنجي پاڻ کي به بچايو ۽ ملڪ کي به بچايو. راجنپور ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ بعد ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ٻوڏ متاثرن جي وڌيڪ امداد جي معاملي تي ڳالهائيندس، آچر تي ٽيليٿون ڪري رهيو آهيان، ٻوڏ وڏو چئلينج آهي ان کي گڏجي منهن ڏينداسين ملڪ جي لاءِ 2 ڊيمن جو ٺهڻ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن ڊيم ٺهيل هجن ها ته ٻوڏ جو پاڻي اچڻ تي به ٻن کان ٽن سالن تائين ماڻهن کي نقصان نه ٿئي ها. هن  چيو ته ٻوڏ سبب سموري ملڪ ۾ تباهي ٿي آهي. ڪيترو نقصان ٿيو آهي ان جا تفصيل گڏ ڪرڻا پوندا. پي ڊي ايم اي کي نقصان جا تفصيل گڏ ڪرڻ گهرجن، ان سان بحالي وارن ڪمن ۾ مدد ملندي. تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي چوان ٿو ته هو متاثر علائقن ۾ وڃن هن وقت متاثرن کي اسان جي ضرورت آهي. عمران خان چيو ته هر جڳهه پاڻي ۾ ٻڏل آهي پر جڏهن هي پاڻي لهندو ته ان جو سڀني کان وڏو فائدو اهو آهي ته جڏهن ماڻهو زمين ۾ ڪڻڪ پوکيندا ته فصل بهتر ٿيندو. اسان کي نئين ڊرين جو به بندوبست ڪرڻو پوندو. جيڪو وڌيڪ پاڻي جي نيڪالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.