ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ عورتون ۽ ٻار رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ جنبُي ويا

0
239

ميهڙ شهر جي آخري ڊفينس لائين رنگ بند تي دٻاءُ وڌي رھيو آھي، عورتون ۽ ٻار رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبُي ويا آھن

رنگ بند وٽ ٻوڏ جي پاڻي جي سطح 7 فُٽ ٿي وئي، ميهڙ کي چئني پاسن کان 30 ڪلوميٽرز تائين پاڻي جو گهيرو آھي، سوين ڳوٺ ۽ ڪالونيون پاڻي هيٺ اچي ويون آھن

پاڻي ڪولاچي شهر ۾ داخل ٿيڻ سبب ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي اُڪاري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن

قاضي عارف، گاجي کهاوڙ ۽ ڌامراهه واهه کي لڳل ڪٽن جو پاڻي انڊس هاءِ وي سان ٽڪرائجي ويو، ميهڙ- لاڙڪاڻو روڊ بند ٿيڻ جو خدشو آھي

 جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري آھي، جوهي تعلقي ۾ پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جا متاثر نڌڻڪا بڻيل آھن

پاڻي ۾ ٻچن سوڌو ڦاٿل ڳوٺاڻن طرفان حياتي بچائڻ لاءِ اپيلون ڪيون پيون وڃن، رليف ڪئمپس ۾ ترسايل ۽ روڊن تي ويٺل متاثر راشن لاءِ پريشان آھن

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ ۾ چاڙهه بعد پاڻي وڏي وزير جي شهر باجارا ۽ جهانگارا ۾ داخل