رتوديرو (ن پ ا ) ايم پي اي فريال ٽالپر برساتن سبب گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊھڻ دوران دٻجي فوت ٿي ويلن جي وارثن اسلم سرهيو سان سندس گهرواري ۽ ڌيءُ، پ پ اڳواڻ آصف جلباڻي سان سندس ڀيڻ ۽ صحت کاتي جي ملازم ساجد ميمڻ جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد يونين ڪائونسل جمع اگهم پهتي ته برسات متاثر ڳوٺاڻن سندس آڏو احتجاج ڪيو.پ پ تعلقي جو صدر نظر پٺاڻ، جبل بروهي ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ برسات متاثرن کي منع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر کين بک ۾ پاھ ٿيل ڳوٺاڻن آڏو بيوس نظر آيا.ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته برسات سبب اسان جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آھي، ايترن ڏينهن ۾ ڪنهن به اسان جي سار ناهي لڌي.فريال ٽالپر آئي به آھي ته هٿين خالي اسان کي ڪجهه به کائڻ لاءِ ناهي،  هنن جي سکڻ دلاسن کي اسين ڇا ڪنداسين .