اسلام آباد(م ڊ) عمران خان پهرين ٽيليٿون ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيتري امداد گڏ ڪئي ان باري ۾ مختلف انگ اکر سامهون آيا آهن. پهرئين ڏينهن پي ٽي آءِ وارن چيو هو ته عمران خان 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد گڏ ڪئي آهي ٻئي طرف سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عمران خان لکيو ته مان فلڊ ريليف ٽيلي ٿون دوران ملڪي ۽ پرڏيهي پاڪستانين جو ٿورائتو آهيان جنهن 2.3 ارب روپين جو عطيو ڏنو. جڏهن ته هن آچر تي وري ٽيليٿون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.