ڪو به ملڪ چئلينجز کي اڪيلي سر منهن نه ٿو ڏئي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
303

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي بحران وارن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪو به ملڪ چئلينجز کي اڪيلي سر منهن نه ٿو ڏئي سگهي، چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن کي مدد ڪرڻي پوندي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيوس ۾ ورلڊ ايڪانامڪ فورم جي سيڪيورٽي بابت ڊائلاگ دوران خيالن جو اظهار ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين ورلڊ آرڊر جي ڪري اسرندڙ ملڪ مشڪلات جو شڪار آهن، ٽئين دنيا جي معيشت دٻاءَ جو شڪار آهي

هن چيو ته يوڪرين واري جنگ جو اثر سموري خطي تي پيو آهي، بدقسمتي اها آهي ته يوڪرين معاملي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن تي ته عمل ٿئي پيو، پر ڪشمير بابت عالمي اداري جي ٺهرائن تي ڪو به عمل نه پيو ٿئي، روس ۽ يوڪرين تڪرار جو حل به سفارتي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿيندو

هي به پڙهندا

اسان سڀ استعيفائون کڻي آيا آهيون ته اسپيڪر ٻيهر ڀڄي ويو: پي ٽي آءِ اڳواڻ