اسان سڀ استعيفائون کڻي آيا آهيون ته اسپيڪر ٻيهر ڀڄي ويو: پي ٽي آءِ اڳواڻ

0
223
اسان سڀ استعيفائون کڻي

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز پاران سموريون استعيفائون منظور ڪرائڻ لاءِ ڪي پي هائوس اسلام آباد کان پارليامينٽ تائين مارچ ڪيو ويو

 شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻيا ايم اين ايز قومي اسيمبلي پهتا ته گيٽ بند ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز اسپيڪر جي چيمبر ۾ پهتا پر اسپيڪر موجود نه هو، پي ٽي آءِ اڳواڻن رڳو 35 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ کي اسپيڪر جي بدنيتي قرار ڏئي ڇڏيو

 فواد چوڌري چيو ته اسان سڀ استعيفائون کڻي آيا آهيون ته اسپيڪر ٻيهر ڀڄي ويو آهي، ادارن صورتحال جو نوٽيس وٺي چونڊون نه ڪرايون ته عوام پاڻ چونڊون ڪرائيندو

 اسد عمر چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ملڪ تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندو پيو وڃي، ادارن کي سنجيدگي سان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ٻه اسيمبليون ان ڪري قربان نه ڪيون ته توهان جمهوري روايتن جي لتاڙ ڪيو، اسپيڪر پي ٽي آءِ سموريون استعيفائون قبول ڪري ۽ ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن

هي به پڙهندا

قومي اسيمبلي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون