ڊي آر او ڪياماڙي جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه: پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي جي ضمانت منظور

0
248

ڪراچي: ڊي آر او ڪياماڙي جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران علي زيدي کي 30 هزار جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

جڏهن ته عدالت پوليس کي 28 جنوري تائين علي زيدي جي گرفتاريءَ کان روڪي ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بلال غفار، سعيد آفريدي ۽ ٻيا اڳواڻ اڳ ئي ضمانت  حاصل ڪري چڪا آهن

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان جماعت اسلامي سان رابطي ۾ آهيون، سڀاڻي نعيم الحق سان ملاقات بعد معاملا طئي ڪيا ويندا

هي به پڙهندا

احتجاج رنگ لاتو، نياز علي ٻرڙو سميت 8 ڪائونسلرز جي ڪاميابيءَ جا نتيجا جاري

دادو ۾ آزاد اميدوار جي ڪاميابي شڪست ۾ تبديل، ڌرڻو