چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ جي ڳوٺ ڪئوڙو دائوداڻي ڀرسان ساجن بھراڻي جي سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورھيت گلزار شيخ جي پٽ  10 ورھين جي راجيش شيخ کي پوليو جو شڪ ھئڻ ڪري ٽنڊوالھيار ڊي ايچ او پاران پوليو جي ٽيم ڊاڪٽر صادق خواجا جي اڳواڻي ۾ بٺي تي پھچي راجيش سميت گھر جي 4 ٻارن جا سيمپل ورتا، ان حوالي سان  ڊاڪٽر صادق موجب ته نينگر کي  ڪجھ ڏينھن تيز بخار آيو ھو، جنھن تي ھو بيھوش ٿي ويو، اسان کي پوليو جو شڪ لڳي رھيو آھي، سندس ڀائرن جا به سيمپل ورتا آهن.