ڪوهستان جو جهونو سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيرو محمد صالح برهماڻي وفات ڪري ويو

0
304

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوهستان جي نالي وارو جهونو سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيرو محمد صالح برهماڻي وفات ڪري ويو، محمد صالح برهماڻي ڳچ عرصي کان ڪينسر جهڙي موضي مرض سان جهيڙي رهيو هيو، محمد صالح برهماڻي اليڪشني سياست ۾ ڪوهستان ۾ اثر رسوخ رکندڙ هيو، هو ڳچ عرصو ملڪ اسد سڪندر سان گڏ رهيو، سندس انتهائي ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هيو، محمد صالح برهماڻي گذريل اليڪشن کان ملڪ اسد سان اختلافن سبب سندس مخالف بڻجي ويو هو، صالح برهماڻي آصف علي زرداري سان ذاتي تعلقاتن سبب سندس ويجهو سمجهيو ويندو هو، صالح برهماڻي آخري اليڪشن ۾ ڄامشورو اتحاد جي حمايت ڪري ملڪ اسد سڪندر خلاف سياست ڪئي، صالح برهماڻي ڪلاسيڪل وڏيري طور به سڃاتو ويندو هو، سندس عدل تي ٻڌل فيصلا سڄي سنڌ ۾ مشهور هئا.