حليم عادل شيخ طرفان مرحوم اھلڪار جي گھر وڃڻ بعد پوليس آفيسر به جاڳي پيا

0
477

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ طرفان مرحوم اھلڪار وحيد خان جي گھر وڃڻ بعد پوليس آفيسر به جاڳي پيا، ويلفيئر برانچ جي آفيسرن بلديه ۾ وحيد خان جي گھر پھچي سندس وارثن کي 50 ھزار ۽ راشن ڏنو، ترجمان ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته وحيد خان جھڙن اھلڪارن تي فخر آھي، ايڊيشنل آءِ جي مرحوم جي وارثن کي پينشن جي ادائيگي جي حوالي سان به تڪڙا قدم کڻڻ جون ھدايتون ڏنيون، اھلڪار جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، واضح رهي ته هن کان اڳ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ مرحوم اهلڪار جي گهر وڃي تعزيت ڪئي هئي.