ملير ۾ غريبن جا اجھا ڊاھيا پيا وڃن، وزيراعظم نوٽيس وٺي:خرم شير زمان

0
237

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ طرفان وزيراعظم کان ملير جي قديمي ڳوٺن ۾ بحريه ٽائون جي مبينا قبضي ۽ حملن خلاف نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته بحريه ٽائون انتظاميا غريب ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪري پلاٽنگ ڪرڻ گهري ٿو، ٽريڪٽر ذريعي غريبن جا اجها ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن، نيب ۽ ايف آءِ اي سوڌو وفاقي ادارن کي فڪر ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ غريب ماڻهن کان زمينون کسي هڪ وڏي بلڊر کي ڏنيون پيو وڃن، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته خبرون اچي رهيون آهن ته سنڌ جَي قديمي ڳوٺن ۾ صدين کان آباد ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، الزام آهن ته اِهو ڪم سنڌ حڪومت ۽ بحريا ٽائون جي رضامندي سان ٿي رهيو آهي.