ڪورونا وائرس: مهراڻ يونيورسٽي کي بند ڪرڻ جو فيصلو

0
253

ڄامشورو (ن پ ا) ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر سبب سنڌ يونيورسٽي، لمس يونيورسٽي کانپوءِ مهراڻ يونيورسٽي کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مھراڻ يونيورسٽي اڄ کان 17 مئي تائين بند رهندي، رجسٽرار پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته 26 اپريل کان 17 مئي تائين اونهاري جون موڪلون رهنديون، جڏهن ته تدريسي عمل سان گڏ، بيچلرس، ماسٽرز، ۽ پي ايڇ ڊي جا ھلندڙ امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن.